Book Name:Imam Hussain Ki Ebadat

تلاوتِ قرآن جا شوقين هئا، ايستائين جو کوڙ روايتن ۾ سندن جي عبادت ۽ رياضت، نفل نمازن ۽ ڀلائي جي ڪمن ۾ وڌ کان وڌ حصو وٺڻ جو تذڪرو ملي ٿو، اچو! سندن جي عبادت جي باري ۾ (2) روايتون ٻڌون ٿيون:

نماز ۽ روزي جا پابند

1۔   علامه ابنِ اثير جزريرَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: كَانَ الْحُسَينُرَضِىَ اللهُ عَنْهُ فَاضِلاً كَثِيرَ الصَّوْمِ وَالصَّلٰوةِ وَالْحَجِّ وَالصَّدَقَةِ وَاَفْعَالِ الْخَيرِ جَمِيعِهَا يعني حضرت سَيدُنا امامِ حُسينرَضِىَ اللهُ عَنْه ڪثرت سان نماز پڙھندا هئا، روزا رکندا هئا، حج ڪندا هئا، صدقو ۽ خيرات ڪندا هئا ۽ تمام ڀلائي جي ڪمن ۾ حصو وٺندا هئا۔ (اسد الغابة، رقم:۱۱۷۳،الحسين بن علي، ۲/۲۸)

2۔   امام عالي مقام رَضِىَ اللهُ عَنْه جا شهزاده حضرتِ سَيدنا امام زين العابدين رَضِىَ اللهُ عَنْه فرمايو: منهنجا والدِگرامي حضرت سيدنا امامِ حُسين رَضِىَ اللهُ عَنْه ڏينهن رات ۾ هزار(1000)رڪعت نفل ادا ڪندا هئا۔ (عقد الفريد، باب من كلام الزهاد و أخبار العباد،۳/۱۱۴مختصرا)

پياريون پياريون اسلامي ڀينرونٻڌو اوهان ته حضرتِ امامِ حسينرَضِىَ اللهُ عَنْه عبادت جو ڪيتري قدرذوق ۽ شوق رکندا هئا، اسان غور ڪريون ڇا اسان فرض نماز به پڙھنديون آهيون؟ حضرتِ امامِ حُسينرَضِىَ اللهُ عَنْه فرض روزن کان علاوه نفلي روزا به ڪثرت سان رکندا هئا، اسان غور ڪريون ڇا اسان فرض روزا به رکون ٿيون؟ حضرتِ امامِ حُسينرَضِىَ اللهُ عَنْه ڪثير نفل ادا ڪندا هئا، حضرتِ امامِ حُسينرَضِىَ اللهُ عَنْهڪثرت سان صدقو ۽ خيرات ڪندا هئا، اسان غور ڪريون ڇا اسان زڪوٰة به ان جي شرعي اُصولن جي مطابق ڏيون ٿيون؟ حضرتِ امامِ حُسينرَضِىَ اللهُ عَنْه نيڪ عمل ادا ڪندا هئا، اسان غور ڪريون ڇا اسان الله پاڪ کي راضي ڪرڻ وارن ڪمن تي عمل ڪري زندگي گذاري رهيون آهيون يا نه؟ حضرتِ امامِ حُسينرَضِىَ اللهُ عَنْهحج جي ادائيگي جا شوقين هئا، اسان غور ڪريون ڇا اسان استطاعت هئڻ جي باوجود شرعي اصولن جي مطابق فرض حج به ڪيو آهي يا