Book Name:Shan-e-Farooq-e-Azam

ئي شخص ته آهي۔ مون پڇا ڪئي: اي جبريل! اهو هڪ ڪير آهي؟ عرض ڪيائين: عمر بن خطاب۔ اهو ٻڌي اَمِيرُالمؤمنين حَضرتِ فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه تي رِقَّت طاري ٿي وئي ۽ پاڻ بي هوش ٿي زمين تي تشريف وٺي آيا۔ حضرت عبدالله بن حسن رَضِىَ اللهُ عَنْه بيان ڪن ٿا: ”هن واقعي کان پوءِ اسان فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه جي چهري تي ڪڏهن کل نه ڏٺي، ايستائين جو پاڻ دنيا مان تشريف کڻي ويا۔ (ڪنز العمال ،ڪتاب الفضائل ، باب فضائل صحابه ،فضل الفاروق، ۶/۲۶۴، حديث:۳۵۸۴۴)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

   پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! معلوم ٿيو ته اَمِيرُالمؤمنين حَضرتِ عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه جو شان تمام نرالو آهي، سندن جو شان اهو آهي ته نوري ملائڪن جا سردار، حضرت جبريل امين عَلَيۡهِ السَّلَام به کين جو شان بيان ڪندي نظر اچن ٿا، پر ان سان گڏوگڏ هتي سکڻ جي ڳالھ اها آهي ته پنهنجون فضيلتون ٻڌي به اَمِيرُالمؤمنين حَضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه عاجزي ۽ اِنڪساري جا پيڪر رهيا ۽ ڏسڻ وارن اهو به ڏٺو ته هن واقعي کان پوءِ سيدنا فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه جي چهري تي ڪڏهن کل نه ڏٺي، ايستائين جو پاڻ دنيا مان تشريف کڻي ويا۔ اي ڪاش! سيدنا فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه جي صدقي اسان کي به حقيقي عاجزي ۽ اِنڪساري نصيب ٿي وڃي۔

      هن ۾ ڪو شڪ ناهي ته فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه عاجزي ۽ انڪساري جا پيڪر هئا، اچو! سندن عاجزي ڀريو هڪ ٻيو ايمان افروز واقعو ٻڌو ٿيون:

اوچتو ٻه (2) شينهن سامهون آيا

          مَنقُول آهي ته روم جي بادشاھ جو موڪليل هڪ عجمي شخص مَدِينَةُ المُنَوَّرَه آيو ۽ ماڻهن کان حضرت سَيدُنا عُمَر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه جو پتو پُڇيائين، ماڻهن ٻڌايو ته اُهي منجھند جو شهر کان ڪجھ پري کجور جي باغن ۾ آرام ڪندي اوهان کي ملندا، اهو عجمي شخص ڳولا ڪندي سندن رَضِىَ اللهُ عَنْه وٽ پهتو ۽ اِهو ڏٺائين ته پاڻ پنهنجي چمڙي جو دُرَّو پنهنجي مٿي هيٺان رکي زمين تي پڪي ننڊ ستا پيا آهن۔ عجمي شخص اِن ارادي سان تلوار کي مياڻ مان ڪڍي اڳتي وڌيو ته اَمِيرُ المؤمنين رَضِىَ اللهُ عَنْه کي قتل ڪري ڀڄي وڃي، پر اهو جيئن ئي اڳتي وڌيو، اوچتو ان ڏٺو ته ٻه (2) شينهن وات ڦاڙي، ان تي