Book Name:Shan-e-Farooq-e-Azam

اچو! سڀ کان پهريان هڪ حڪايت ٻڌون ٿيون:

حق ۽ صداقت جي امين جو جنّتي محل

دعوتِ اسلامي جي اشاعتي اداري مڪتبة المدينه جي ڪتاب ”فيضانِ فاروقِ اعظم“ جلد 2 جي صفحي 169 تي آهي: اَمِيرُالمؤمنين حَضرت علي المرتضي شير خدا کرَّمَ اللّٰه وَجْهه الْکرِيم کان روايت آهي ته هڪ ڀيري حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه بارگاھِ رسالت ۾ عرض ڪيو: يارَسُولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! مون کي ٻڌايو ته معراج واري رات اوهان جنت ۾ ڇا ڇا ڏٺو؟ ٻنهي جهانن جي سردار آقا، معراج واري مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن اِرشاد فرمايو: اي عمر بن خطاب! جيڪڏهن مان توهان جي وچ ۾ ايترو عرصو رهان جيترو عرصو حضرت نوح عَلَيۡهِ السَّلَام پنهنجي قوم ۾ (هڪ هزار سال تائين) رهيا ۽ پوءِ مان توهان کي اهي جنّتي واقعا ۽ مشاهدا ٻڌايان تڏهن به اهي ختم نه ٿين۔ پر اي عمر! جڏهن اوهان مون کي اهو چيو ئي آهي ته مون کي جنت جون ڳالهيون ٻڌايو ته پوءِ مان اوهان کي اها ڳالھ ٻڌايان ٿو جو مون توکان علاوه ڪنهن کي نه ٻڌائي آهي۔ (۽ اها هي آهي ته) مون جنت ۾ هڪ اهڙو عاليشان محل ڏٺو جنهن جي چائنٺ جنّتي زمين جي هيٺ هئي ۽ ان جو مٿي وارو حصو عرش جي وچ ۾ هو۔ مون حضرت جبريل عَلَيۡهِ السَّلَام کان پڇا ڪئي: اي جبريل! ڇا توهان ان عاليشان محل جي باري ۾ ڄاڻو ٿا جنهن جي چائنٺ جنّتي زمين جي هيٺ ۽ مٿيون حصو عرش جي وچ ۾ هو۔؟ ته حضرت جبريل عَلَيۡهِ السَّلَام عرض ڪيو: يارَسُولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! مون کي ناهي خبر۔ مون ٻيهر پڇا ڪئي: اي جبريل! ان محل جي روشني (Light) ته اهڙي آهي جيئن دنيا ۾ سج جي روشني، ڀلا اهو ئي ٻڌايو ته ان تائين ڪير پهچندو ۽ ان ۾ ڪير رهائش اختيار ڪندو؟ ته حضرت جبريل امين عرض ڪيو: يسْكُنُھَا وَ يصِيرُ اِلَيھَا مَنْ يقُوْلُ الْحَقَّ وَيھْدِي اِلَي الْحَقِّ وَاِذَا قِيلَ لَه الْحَقُّ لَمْ يَغْضِبْ وَمَاتَ عَلَي الْحَقِّ يعني يارَسُولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! هن محل ۾ اهو رهندو جيڪو صرف حق ڳالھ چوي ٿو ۽ حق ڳالھ جي هدايت ڏئي ٿو ۽ جڏهن ان کي ڪو حق ڳالھ چوندو آهي ته هو غُصّو ناهي ڪندو ۽ ان جو حق تي ئي انتقال ٿيندو۔ مون پڇا ڪئي: اي جبريل! ڇا توهان کي ان جو نالو معلوم آهي؟ عرض ڪيائين: جي ها! يارَسُولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ اهو هڪ