Book Name:Shan-e-Farooq-e-Azam

      پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! تفسير صراطُ الجِنان ۾ هن آيتِ ڪريمه تحت آهي: (هن آيت ۾ الله پاڪ) ارشاد فرمايو ته اي پيارا حبيب! صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ، اوهان پنهنجي اَزواجِ مُطَهرات، پنهنجي صاحبزادين ۽ مسلمانن جي عورتن کي فرمايو ته جڏهن انهن کي ڪنهن حاجت جي لاءِ گھران ٻاهر نڪرڻو پوي ته هو پنهنجي چادرن جو هڪ حصو پنهنجي چهري تي رکن۔ (صراط الجنان، ۸/۹۴)

پردو ۽ خواتين

      پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! هن آيتِ سڳوري ۾ سڀني مسلمان عورتن کي حڪم ڏنو پيو وڃي ته جڏهن به ٻاهر نڪرن ته حجاب (پردو) ڪري ۽ چڱي طرح جسم ڍڪي ٻاهر نڪرن۔ پر افسوس! اڄ غيرن جي طرفان ملندڙ بي شرمي ۽ بي حيائي سان ڀرپور انڌي تهذيب معاشري ۾ قائم شرم ۽ حيا جي چادر کي ٽڪرا ٽڪرا ڪندي نظر اچي رهي آهي۔

      اَلْحَمْدُ لِلّٰہ اسان جي دينِ اسلام کي اهو اعزاز (Honour) حاصل آهي ته ان پاڪيزه معاشري جي قيام جي لاءِ اسان کي سنهري اُصول عطا ڪيا آهن۔ اهي شيون جيڪي معاشري ۾ شرم و حيا کي عام ڪرڻ ۾ رڪاوٽ آهن، اسان جي دين انهن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ به انتهائي احسن ۽ پياري تعليمات عطا ڪئي آهي۔ جنسي جذبات کي وڌائڻ واريون تحريرون ۽ بي حيائي، پاڪيزه معاشري جي لاءِ زهرِ قاتل جي حيثيت رکن ٿيون، دينِ اسلام جتي انهن شين کي ختم ڪرڻ تي زور ڏنو آهي، اتي انهن سببن کي ختم ڪرڻ ڏانهن به توجه ڪئي جن سان فحاشي، عُرياني ۽ بي حيائي پکڙجي سگھي ٿي۔ اهو ئي سبب جو قرآنِ ڪريم ۾ الله پاڪ عورتن کي اهو حڪم ارشاد فرمايو آهي ته هو پنهنجي گھرن ۾ رڪيون رهن ۽ شرعي ضرورت ۽ حاجت جي بنا پنهنجي گھران ٻاهر نه نڪرن۔ پردي جي هن حڪم تي ازواجِ مطهرات رَضِىَ اللهُ عَنْهم ڪهڙو عمل ڪيو، اچو! ان جا ڪجھ مثال ٻڌون ٿيون۔

(1) رَسُولُ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي گھرواري حضرت سوده رَضِىَ اللهُ عَنْها هڪ حج ۽ عمرو ڪيو هو، ان جي علاوه حج ۽ عمره نه ڪنديون هيون ۽ ان جو سبب اهو ٻڌائينديون هيون: مون حج به ڪيو آهي ۽ عمرو به ڪيو آهي ۽ الله پاڪ مون کي حڪم ڏنو آهي ته مان گھر ۾ رهان۔ الله پاڪ جو قسم! مان ٻيهر گھران