Book Name:Shan-e-Farooq-e-Azam

پئجي وڃي ته ’’مون گھڻو کاڌو آهي۔‘‘٭ميزبان کي گھرجي ته مهمان کي وقت بوقت چوي ته ’’اڃا کائو‘‘ پر ان تي اِصرار نه ڪري۔ (عالمگيري،۵/۳۴۴) ڪٿي اِصرار جي ڪري ايترو وڌيڪ نه کاڌو وڃي جو ان جي لاءِ نقصان ده هجي۔ ٭

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت“ حصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتاب سنتیں اور آداباميرِ اهلسنت دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه جا ٻه رسالا ”101 مدني گل“ ۽ ”163 مدني گل هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهوـ

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                         صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

ايندڙ هفتيواراجتماع جي بيان جون جھلڪيون

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ!        آئنده هفتيوار سنتن ڀري اِجتماع جو موضوع هوندو: ”فيضانِ محرم الحرام“ اسلامي سال جو آغازمحرّم الحرام جي بابرڪت مهيني سان ٿيندو آهي، ربِّ ڪريم اسان کي اسلامي سال جي هن پهرين مهيني ۾ ئي اجروثواب حاصل ڪرڻ جا کوڙ موقعا عطا فرمايا آهن، انهيء مناسبت سان ايندڙ هفتي جي بيان ۾ اسان محرم الحرام جون فضيلتون، هن ۾ عبادت ڪرڻ جون برڪتون، روزا رکڻ، مسلمانن سان خيرخواهي ڪرڻ ۽ راھ خُدا ۾ خرچ ڪرڻ جي فضيلتن سان گڏوگڏ هن مقدّس مهيني ۾ بزرگن جي عبادت ڪرڻ جا واقعا به ٻڌنديون سين، لهٰذا! آئنده اربع به اجتماع ۾ حاضري جي نيت ڪريو، نه صرف پاڻ اچڻ جي بلڪ اِنفرادي ڪوشش ڪري ٻين کي به گڏ آڻڻ جي نيت ڪريو ۽ هٿ کڻي چئو:  اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد