Book Name:Shan-e-Farooq-e-Azam

حڪم ارشاد فرمائي ڇڏيو: ﴿وَ اتَّخِذُوْا مِنْ مَّقَامِ اِبْرٰهٖمَ مُصَلًّىؕ  (پ۱، البقرة:۱۲۵) ترجمو ڪنزُالايمان: ۽ ابراهيم جي بيهڻ جي جاءِ کي نماز پڙهڻ جي جاءِ مقرر ڪري وٺو. (بخاري، ڪتاب الصلوة، باب ما جاء في القبلة۔۔۔الخ، ۱/۱۵۸، حديث:۴۰۲ ملتقطا)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

   پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! هاڻي اسان ٻڌو ته مقامِ ابراهيم کي نماز پڙھڻ جي جڳھ بنائڻ جو مشورو اَمِيرُالمؤمنين حَضرتِ عمر فاروقِ اعظم جو هو، سندن موافقت ۾ قرآنِ پاڪ جي آيت نازل ٿي، جنهن ۾ مقامِ ابراهيم کي مصلّٰي (يعني نماز جو مقام) بنائڻ جو حڪم موجود هو۔ مقامِ ابراهيم ڇا آهي؟ ڪٿان آيو، اچو! هن باري ۾ ٻڌون ٿيون:

مقامِ ابراهيم ڇا آهي؟

          مقامِ ابراهيم اهو مبارڪ پٿر آهي جنهن تي چڙھي الله پاڪ جي پياري رسول، حضرت ابراهيم عَلٰى نَبِينَاوَعَلَيه الصَّلٰوة وَالسَّلَام ڪعبة الله شريف جون ديوارون بلند ڪيون هيون، پاڻ عَلَيۡهِ السَّلَام جيئن ئي ان تي پنهنجا قدم رکيا ته خاص اهو حصو ربِّ ڪريم جي قدرتِ ڪامله سان مٽي جيان نرم (Soft) ٿي ويو ۽ سندن جي قدمن جو نقش ان ۾ ثبت (ظاهر) ٿي ويو جڏهن ته باقي حصو ساڳيو ئي رهيو۔ اهو ابراهيم عَلٰى نَبِينَاوَعَلَيه الصَّلٰوة وَالسَّلَام جو نهايت ئي عظيم معجزو هو۔

   حضرتِ عبدُالله بن عمرو رَضِىَ اللهُ عَنْهما فرمائن ٿا ته مون خَاتَمُ المُرسَلِين، رَحمَة لِّلعٰلَمِين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي فرمائيندي ٻڌو: رڪن (حَجرِاسود) ۽ مقامِ ابراهيم جنّت جي ياقُوتُن مان ٻه ياقُوت آهن، جيڪڏهن الله پاڪ انهن ٻنهي جو نُور نه مٽائي ها ته اهي اوڀر ۽ اولھ جي هر شيء روشن ڪن ها۔ (ترمذي ، ڪتاب الحج ، باب ماجاء في فضل الحجر۔۔۔ الخ ،۲/۲۴۸، حديث:۸۷۹)

  مقامِ ابراهيم خانَه ڪعبه کان تقريباً سوا 31 ميٽر اوڀر ڏانهن قائم آهي۔ هن پٿر ۾ هڪ قدم مبارڪ جي نشان جي گهرائي ڏھ سينٽي ميٽر ۽ ٻي جي نو سينٽي ميٽر آهي، انهن پٿرن تي حضرت ابراهيم عَلٰى نَبِينَاوَعَلَيه الصَّلٰوة وَالسَّلَام جي مبارڪ اڱرين (Fingers) جا نشان نه آهن، ان جو سبب اهو آهي ته شروعات ۾ اهي پٿر ڪنهن فريم يا بڪس وغيره ۾ محفوظ نه هئا ۽ عاشق ان مان برڪتون وٺڻ