Book Name:Shan-e-Farooq-e-Azam

ڪئي هو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو۔ (مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،الفصل الثانی،۱/۵۵،حدیث:۱۷۵)

مهمان نوازي جون سنتون ۽ آداب  

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اچو! اميراهلسنت جي رسالي ”قبر جو امتحان“ مان مهمان نوازيءَ جا مدني گل ٻڌون ٿيون۔ پهريان (2) فرمانِ مصطفيٰ صَلَّي اللهُ تَعَالٰي عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ملاحظه ڪريو۔(1)جيڪو الله پاڪ ۽ قيامت تي ايمان رکي ٿو ان کي گهرجي ته اهو مهمان جو احترام ڪري۔ (بُخاری،۴/۱۰۵، حدیث:۶۰۱۸)  حضرت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰي عَلَيه هن حديث پاڪ جي تحت فرمائن ٿا: مهمان جو احترام اهو آهي ته ان سان خوش دلي سان ملي ان جي لاءِ کاڌي ۽ ٻين خدمتن جو انتظام ڪري جيترو ٿي سگهي ان جي پاڻ خدمت ڪري. (مرآۃ المناجیح،۶/۵۲) (2) جڏهن ڪو مهمان ڪنهن وٽ ايندو آهي ته پنهنجو رزق کڻي ايندو آهي ۽ جڏهن انهن وٽان ويندو آهي ته صاحب خانه جي گناهه بخشڻ جو سبب هوندو آهي ۔(کَنْزُ الْعُمّال،۹/۱۰۷، حدیث:۲۵۸۳۱)٭ جڏهن اوهان ڪنهن وٽ بطورِ مهمان وڃو ته مناسب آهي ته سٺين سٺين نيتن سان حسبِ حيثيت ميزبان يا ان جي ٻارن جي لاءِ تحفا وٺي وڃو۔ ٭ صَدرُالشّريعه حضرت مفتي محمد امجدعلي اعظميرَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰي عَلَيه فرمائن ٿا: مهمان لاءِ چار ڳالهيون ضَروري آهن: (۱) جتي ويهاريو وڃي اتي ويهي۔ (۲) جيڪو ڪجھ ان جي اڳيان پيش ڪيو وڃي ان تي خوش ٿئي۔(۳) ميزبان کان اجازت وٺڻ بِغير اتان نه اٿي ۽ (۴) جڏهن اتان کان وڃي ته ان جي لاءِ دُعا ڪري۔(عالمگيري،۵/۳۴۴)٭ گھر يا کاڌي وغيره جي مُعامَلات ۾ ڪنهن قسم جي تنقيد نه ڪري، نه ئي ڪوڙي ساراھ۔ ميزبان به مهمان کي ڪوڙ جي خطري ۾ وجھندڙ سُوال نه ڪري مثال طور چوڻ اسان جو کاڌو ڪيئن هو؟ اوهان کي پسند آيو يا نه؟ اهڙن موقعن تي جيڪڏهن نه پسند هئڻ جي باوُجُود مِهمان مُرَوَّت ۾ کاڌي جي ڪوڙي تعريف ڪري ته گناه ٿيندو۔ ان طرح جو سُوال به نه ڪري ته ’’اوهان پيٽ ڀري کاڌو يا نه؟‘‘ ڇوته اتي به جواب ۾ ڪوڙ جو انديشو آهي ڇوته گهٽ کائڻ جي عادت يا پرهيزي يا ڪنهن به مجبوري تحت گھٽ کائڻ جي باوُجُود اصرار ۽ تڪرار کان بچڻ جي لاءِ مِهمان کي چوڻ