Book Name:Shan-e-Farooq-e-Azam

جڏهن ته جن وٽ دنياوي مال ۽ دولت ۽ شهرت آهي انهن کي ته وڌيڪ اِحتياط جي حاجت آهي ته ڪٿي اهي دُنياوي نعمتون انهن کي تڪبُّر جي آفت ۾ مبُتلا ڪري الله پاڪ جي ناراضگي جو سبب نه بڻجي وڃن، تڪبُّر اهڙي بُري صفت آهي جو جنهن جي ڪري انسان دنيا ۽ آخرت ۾ ذليل ۽ رُسوا ٿي ويندو آهي جيئن نبي مُڪرَّم، نُورِ مُجسَّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمانِ مُعَظّم آهي: ”جيڪو الله پاڪ جي لاءِ عاجزي اختيار ڪري، الله پاڪ ان کي بلندي عطا فرمائيندو، اهو پاڻ کي ڪمزور سمجهندو پر ماڻهن جي نظرن ۾ عظيم هوندو ۽ جيڪو تڪبر ڪري الله پاڪ ان کي ذليل ڪري ڇڏيندو، اهو ماڻهن جي نظرن ۾ ڪمتر هوندو پر پاڻ کي بهتر سمجهندو هوندو ايستائين جو اهو ماڻهن وٽ ڪُتي ۽ خنزير کان به بدتر ٿي ويندو آهي۔ (ڪنزالعمال ڪتاب الاخلاق ، قسم الاقوال، ۲/۵۰، حديث:۵۷۳۴)

هڪ ٻي هنڌ تي آقا ڪريم، رؤف رحيم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايائون: جنهن جي دل ۾ رائي جي داڻي جيترو به ايمان هوندو، اهو جهنّم ۾ داخل نه ٿيندو ۽ جنهن جي دل ۾ رائي جي داڻي جيترو تڪبّر هوندو اهو جنّت ۾ داخل نه ٿيندو۔'' (مسلم، ڪتاب الايمان،باب تحريم الڪبر وبيانه ،ص۶۱، حديث:۱۴۸)

تڪبُّر جون نشانيون ۽ نقصان:

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! تڪبر اهڙو مُهلِڪ (يعني هلاڪ ڪرڻ وارو) باطني مرض آهي جيڪو پاڻ سان گڏ ٻين ڪيترين ئي براين کي آڻيندو آهي ۽ ڪيترين ئي چڱائين کان انسان کي محروم ڪندو آهي۔ حُجَّةُ الِاسلام حضرت امام محمد بن محمد غزالي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه لکن ٿا: مغرور شخص جيڪو ڪجهه پنهنجي لاءِ پسند ڪندو آهي اهو پنهنجي مسلمان ڀاءُ جي لاءِ پسند ناهي  ڪري سگهندو، اهڙو شخص عاجزيءَ تي به قادر ناهي هوندو، جيڪا تقويٰ ۽ پرهيزگاري جي پاڙ آهي، ڪينو (يعني دل ۾ لڪيل دُشمني) به نٿو ڇڏي سگهي، پنهنجي عزت بچائڻ جي لاءِ ڪوڙ ڳالهائيندو آهي، ان ڪوڙي عزت جي ڪري غصو ناهي ڇڏي سگهندو، حسد کان ناهي بچي سگهندو، ڪنهن جي خير خواهي ناهي ڪري سگهندو، ٻين جي نصيحت قبول ڪرڻ کان محروم رهندو آهي، ماڻهن جي غيبت ۾ مبتلا ٿي ويندو آهي مطلب ته متڪبر ماڻهو پنهنجو ڀرم رکڻ جي لاءِ هر برائي ڪرڻ تي مجبور ۽ هر سٺي ڪم ڪرڻ کان لاچار ٿي ويندو آهي۔“ (احياء العلوم، ج۳ ،ص ۴۲۳) وڌيڪ فرمائن ٿا: تڪبُّر جو اظهار ڪڏهن ته