Book Name:Shan-e-Farooq-e-Azam

حملو ڪرڻ وارا آهن۔ اهو خوفناڪ منظر ڏسي اهو خوف ۽ ڊپ سبب رڙيون ڪرڻ لڳو، جنهن سبب اَمِيرُالمؤمنين رَضِىَ اللهُ عَنْه جاڳي پيا ۽ ڏٺائون ته عجمي شخص اُگھاڙي تلوار هٿ ۾ کڻي نهايت ڏڪي رهيو آهي۔ سندن ان جي رڙ ۽ دَهشَت جو سبب معلوم ڪيو ته ان سَچ سَچ سمورو واقِعو بيان ڪري ڇڏيو پوءِ ان بلند آواز سان ڪلمو پڙھي اِسلام قبول ڪري ورتو ۽ اَمِيرُالمؤمنين رَضِىَ اللهُ عَنْه ان سان نهايت ئي شَفقَت ڀريو ورتاؤ ڪري ان جي قُصُور کي مُعاف ڪري ڇڏيو۔  (ازالة الخفاء،فصل رابع، ۴/۱۰۹)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! غور ڪريو ته حَضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه اَمِيرُالمؤمنين هئا، ساڍا ٻاويھ لک چورس ميل تي اڪيلا حڪمران هئا، هزارن جي تعداد تي مشتمل فوج جا ڪمانڊر ۽ لکين ڪروڙين ماڻهو کين جي ماتحت هئا، پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه جيڪڏهن چاهن ها ته عالي شان مَحل ٺهرائن ها، انهن محلن ۾ هر طرح جي سهولتن (Facilities) جو انتظام ڪن ها، انهن محلن ۾ دنيا جهان جي سجاوٽ گڏ ڪن ها، انهن محلن ۾ دل فريب ساوڪ ڪن ها، وڏا وڏا باغ تعمير ڪن ها، خوبصورت پکي ۽ دلڪش جانور گڏ ڪن ها، صاف پاڻي جا عاليشان حوض ٺهرائن ها، نوڪرن ۽ غلامن جي اچ وڃ هجي ها، انهن محلن ۾ عاليشان ڪمرا ٺهرائي انهن ۾ ريشم جا قالين ۽ پردا لڳرائن ها، آرام ڪرڻ لاءِ آرام ده بستر رکن ها، مطلب ته جيڪڏهن حضرت فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه چاهين ها ته عيش ۽ عشرت سان ڀرپور زندگي گذارين ها، پر پاڻ اهڙو ڪجھ نه ڪيائون بلڪ حال اهو هو جو پاڻ زمين تي ئي آرام فرمائي رهيا آهن۔ ٿورو غورڪريو! هڪ پاسي ته مسلمانن جو ٻيو خليفو فارُوقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه آهي جيڪي سمورين سهولتن کي ٺڪرائي عاجزي جو پيڪر بڻجي رهيا ۽ ٻي پاسي اسان آهيون جو دولت ۽ دُنياوي مرتبي ۽ منصب جي نشي ۾ مدهوش ٿي خبر ناهي ڇو غُرور ۽ تڪبُّر ۾ مبتلا ٿينديون پيون وڃون۔ اسان مان ڪجهه اسلامي ڀينرون اهڙيون به آهن جن کي ڪو منصب ملي وڃي، ڪو وڏو عهدو ملي وڃي ته مغرور ٿي وينديون آهن، ڪجھ ته مَعَاذَالله ٻين اسلامي ڀينرن کي حقير سمجھنديون آهن ۽ انهن جي آڪڙ ختم ئي ناهي ٿيندي۔