Book Name:Shan-e-Farooq-e-Azam

جي لاءِ ان کي هٿ لائيندا ۽ چمندا هئا، انهيء سبب آڱرين جا نشان باقي نه رهيا۔ هاڻي به اهو پٿر بَيتُ الله شريف جي عمارت سان لڳولڳ شيشي جي هڪ باڪس(Box) ۾ بند آهي، ان جي زيارت به ڪري سگھجي ٿي۔ الله پاڪ اسان کي بَيتُ الله شريف، مقامِ ابراهيم جي زيارت سميت مڪي مديني جي بار بار(محرم سان گڏ) باادب حاضري جي توفيق عطا فرمائي۔ اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ 

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

      پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اسان اَمِيرُالمؤمنين حَضرتِ عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه جي موافقت ۾ نازل ٿيڻ واري آيت سڳوريون ٻڌي رهيون هيون سين، اچو! هڪ ٻي آيتِ ڪريمه جيڪا سندن جي راءِ جي موافق نازل ٿي ان جو شانِ نزول ۽ مزيد تفصيل ٻڌون ٿيون:

ٻي آيت سڳوري پردي جي حڪم بابت

      حضرت انس بن مالڪ رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي ته اَمِيرُالمؤمنين حَضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه بارگاھ رسالت ۾ عرض ڪيو: اِنَّ نِسَاءَكَ يَدْخُلُ عَلَيڪ الْبَرُّ وَالْفَاجِرُ فَلَوْاَمَرْتَ اُمَّھَاتِ الْمُؤْمِنِينَ بِالْحِجَابِ يارَسُوْلَاللّٰه صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! اوهان وٽ نيڪ ۽ بد هر قسم جا ماڻهو اچن ٿا، ته پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ اُمُّهاتُ المومنين (يعني مومنن جي مائرن) کي حجاب (پردي) ۾ رهڻ جو حڪم ڏين۔ پوءِ سندن جي موافقت ۾ حجاب بابت اها آيت نازل ٿي:

یٰۤاَیُّهَا النَّبِیُّ قُلْ لِّاَزْوَاجِكَ وَ بَنٰتِكَ وَ نِسَآءِ الْمُؤْمِنِیْنَ یُدْنِیْنَ عَلَیْهِنَّ مِنْ جَلَابِیْبِهِنَّؕ-ذٰلِكَ اَدْنٰۤى اَنْ یُّعْرَفْنَ فَلَا یُؤْذَیْنَؕ-وَ كَانَ اللّٰهُ غَفُوْرًا رَّحِیْمًا(۵۹)  (پ۲۲،الاحزاب:۵۹)                                   

ترجمو ڪنزالايمان: اي نبي پنهنجي بيبين ۽ صاحبزادين ۽ مسلمانن جي عورتن کي فرماءِ ته پنهنجي چادرن جو هڪ حصو پنهنجي منهن تي رکن هي وڌيڪ ويجهو آهي جو سندن سڃاڻپ ٿي جيئن تڪليف نه ڏنيون وڃن ۽ الله بخشڻهار مهربان آهي.

(بخاري، ڪتاب التفسير، باب قوله لا تدخلوا۔۔۔الخ، ۳/۳۰۴، حديث:۴۷۹۰)