Book Name:Shan-e-Farooq-e-Azam

عَنْه ٻين کان خوفِ خدا تي مشتمل ڳالهيون ٻڌندا ها۔ ٭ حضرت عمر رَضِىَ اللهُ عَنْه جو معمول هو ته ٻارن کان پنهنجي لاء بخشش جي دعا ڪرائيندا ها، ٭ حضرت عمر رَضِىَ اللهُ عَنْه هميشه الله پاڪ جي خفيه تدبير کان ڊڄندا رهندا ها، ٭ حضرت عمر رَضِىَ اللهُ عَنْه عاجزي ۽ انڪساري جا پيڪر ها۔ حضرت عمر رَضِىَ اللهُ عَنْه دِين جي سربلندي جي لاءِ بي شمار خدمتون انجام ڏنيون هيون، ٭ حضرت عمر رَضِىَ اللهُ عَنْه جو دورِ خلافت اسلام جي سنهري دور ۾ شمار ڪيو ويندو آهي، ٭ حضرت عمر رَضِىَ اللهُ عَنْه جو دَور دِين داري ۽ عدل و انصاف جو دور هو، ٭ حضرت عمر رَضِىَ اللهُ عَنْه علم وحڪمت جا چراغ ها، v حضرت عمر رَضِىَ اللهُ عَنْه اسلام جو فخر (Proud) ها، ٭ حضرت عمر رَضِىَ اللهُ عَنْه هڪ ناقابلِ فراموش شخصيت ها، v حضرت عمر رَضِىَ اللهُ عَنْه هڪ واعدو پارڻ واري شخصيت ها۔ الله پاڪ اسان کي به سندن نقشِ قدم تي هلڻ جي توفيق عطا فرمائي۔

      حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه جون خصوصيتون ۽ خدمتون ايتريون آهن جن جو شمار نٿو ڪري سگھجي، ان بابت مزيد معلومات جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي اشاعتي اداري مڪتبةُ المدينه جي ڪتاب ”فيضانِ فاروق اعظم“ جو مُطالَعو ڪرڻ اِنتهائي مُفيد آهي۔ اَلْحَمْدُلله! اهو عظيم ڪتاب 2 جِلدن ۾ شائع ٿي چڪو آهي، اڄ ئي هن ڪتاب کي مڪتبة المدينه جي بستي تان هديو ڏئي حاصل ڪيو پاڻ به ان جو مُطالَعو ڪريو ۽ ٻين اسلامي ڀينرن کي به ان جي ترغيب ڏياريو۔

فضائلِ عمر بزبانِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ

      اَمِيرُالمؤمنين حَضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه جي عظمت ۽ شان جو هڪ پهلو اهو به آهي ته پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه ان خوش نصيب صحابَهءِ ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان ۾ شامل آهن، جن جي فضيلت ۽ شان تي کوڙ فَرامينِ رسول مَوجُود آهن۔ ان جي علاوه هڪ ڳالھ اها به آهي ته اَمِيرُالمؤمنين حَضرتِ عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه کي بارگاھ رسالت مان بيشمار اهڙيون فضيلتون عطا ٿيون جن ۾ ڪو به سندن جو شريڪ نه آهي۔ اچو! اسان به انهن فضيلتن مان ڪجھ ٻڌون ٿيون:

     ٭ رَسُولُ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ حضرت عمر رَضِىَ اللهُ عَنْه کي پاڻ علم عطا فرمايو۔ (بخاری، کتاب فضائل اصحاب النبی، باب مناقب عمر۔۔۔الخ، ۲/۵۲۵، حدیث: ۳۶۸۱ملخصا) ٭ رَسُولُ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ حضرت عمر رَضِىَ اللهُ عَنْه جي دورِ خلافت جي قوت کي بيان فرمايو۔ (بخاری، کتاب فضائل