Book Name:Shan-e-Farooq-e-Azam

سان گڏ ئي هن دنيا مان تشريف کڻي ويا، ان کان وڌيڪ سندن جي حق فرمائڻ جو ٻيو ڇا دليل ٿي سگھي ٿو جو ڪيئي ڀيرا ائين ٿيو جو اَمِيرُالمؤمنين حَضرتِ عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه جنهن باري ۾ ڪجھ فرمائيندا ها ته قرآنِ پاڪ جون آيتون انهيء مضمون سان گڏ نازل ٿينديون هيون جيڪو حضرت عمر رَضِىَ اللهُ عَنْه جن فرمايو هوندو هو۔

   حضرت مجاهد رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي، فرمائن ٿا: کَانَ عُمَرُ یَرَی الرَّاْیَ فَیَنْزِلُ بِہِ الْقُرْآنُ يعني اَمِيرُالمؤمنين حَضرتِ عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه جڏهن ڪا راءِ (Opinion) پيش فرمائندا ها ته ان جي مطابق قرآنِ پاڪ جي آيت نازل ٿي ويندي  هئي۔ ( تاريخ الخلفاء، ص۹۶، الصواعق المحرقة، ص۹۹)

   جڏهن ته اَمِيرُالمؤمنين حَضرتِ عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه جا صاحبزاده حضرت عبدُالله بن عمر رَضِىَ اللهُ عَنْهمَا فرمائن ٿا ته: جڏهن ڪنهن معاملي ۾ مختلف صحابَه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان کان راءِ  طلب ڪئي ويندي هئي ۽ گڏوگڏ منهنجا والدِ گرامي حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه به پنهنجي راءِ پيش ڪندا ها ته قرآنِ ڪريم سندن راءِ جي مطابق نازل ٿيندو هو۔ (فضائل الصحابة،و من فضائل عمر بن الخطاب،۱ /۴۱۵، حديث:۴۸۸، تاريخ الخلفاء، ص۹۶)

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! قرآنِ پاڪ جون ڪم و بيش ويھ (20) آيتون    اهڙيون آهن جيڪي اَمِيرُالمؤمنين حَضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه جي قول يا فعل جي موافقت (Conformity) ۾ نازل ٿيون۔ اچو! اهڙيون ئي ڪجھ آيت سڳوريون ۽ انهن جو شانِ نزول ٻڌون ٿيون:

پهرين آيتِ مبارڪه مقامِ ابراهيم بابت

حديث جي مشهور ڪتاب بخاري شريف ۾ حضرت انس بن مالڪ رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي ته اَمِيرُالمؤمنين حَضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه جن ارشاد فرمايو ته ٽن ڳالهين ۾ ربِّ ڪريم جي طرفان منهنجي موافقت ٿي (انهن مان هڪ اها به آهي ته) مون بارگاھ رسالت ۾ عرض ڪيو: لَوِ اتَّخَذْنَا مِنْ مَّقَامِ اِبْرَاهِيمَ مُصَلًّي يعني يارَسُولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! جيڪڏهن اسان مقامِ ابراهيم کي مُصَلّٰي (يعني نماز پڙھڻ جو هنڌ) بڻايون (ته ڪيئن رهندو؟) ته الله پاڪ اها ئي آيت سڳوري منهنجي تائيد ۾ نازل فرمائي مقامِ ابراهيم کي مُصَلّٰي بنائڻ جو