Book Name:Shan-e-Farooq-e-Azam

بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو ٻئي گوڏا وڇائي ويهندَس ٭ ضرورت پوڻ تي ٻين اسلامي ڀينرن جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندَس ٭ ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندَس، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندَس ٭ صَـلُّـوا عَلَي الحَبِيـب! اُذکُرُالله , تُوبُوا اِلَـي الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ واريءَ جي دِل جوئي جي لاءِ آهسته آواز سان جواب ڏيندَس ٭ بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندَس۔دوران بيان موبائل جي غيرضروري استعمال کان بچندَس،نه بيان ريڪارڊ ڪندَس نه ئي ٻئي ڪنهن قسم جو آواز ڇو ته ان جي اجازت ناهي،جيڪو ڪجهه ٻُدَندَس،ان کي ٻڌي ۽ سمجهي ڪري ان تي عمل ڪرڻ ۽ ان کي بعد ۾ ٻين تائين پهچائي نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪندَس.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اسلامي سال جي آخري مهيني ذُوالْحِجَّة الْحَرام جا آخري ڏهاڙا آهن، جلد ئي مُحَرَّمُ الْحَرَام جو چنڊ چمڪي جڳ کي روشن ڪندو ۽ نئون اسلامي سال شروع ٿي ويندو۔ اسلامي سال جي پهرين مهيني مُحَرَّمُ الْحَرَام کي ڪيئي نسبتون حاصل آهن، جيئن هن مهيني ۾ حق ۽ باطل جو عظيم معرڪو ”ڪربلا“ پيش آيو، انهيء مهيني ۾ حضرت موسيٰ عَلَيۡهِ السَّلَام جي مدد فرمائي وئي ۽ فرعون ۽ ان جا پيروڪار هلاڪ ٿيا۔ انهيء مهيني ۾ حضرت نوح عَلَيۡهِ السَّلَام جي ٻيڙي ”جُودي جبل“ تي بيٺي۔ انهيء مهيني ۾ حضرت يونس عَلَيۡهِ السَّلَام کي مڇي جي پيٽ مان نجات ملي۔ انهيء مهيني ۾ حضرت آدم عَلَيۡهِ السَّلَام جي توبه قبول ٿي۔ (عمدة القاري ،ڪتاب الصوم، تحت الباب صيام يوم عاشوراء،۸/۲۳۳ملخصاً ) ان کان علاوه ٻيون به کوڙ نسبتون آهن پر ان جي پهرين تاريخ کي اَمِيرُالمؤمنين، مُسلمانن جي عظيم خليفي، حَضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه سان به نسبت آهي جو انهيء ڏينهن سندن شهادت ٿي۔ انهيء مناسبت سان اڄ اسان حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه جي شان بابت بيان ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪنديون سين۔ الله ڪري ته اسان پورو بيان سٺين سٺين نيتن سان ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪرڻ واريون بڻجي وڃون۔ اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ