Book Name:Shan-e-Farooq-e-Azam
سگهندو، اهڙو شخص عاجزيءَ تي به قادر ناهي هوندو، جيڪا تقويٰ ۽ پرهيزگاري جي پاڙ آهي، ڪينو (يعني دل ۾ لڪيل دُشمني) به نٿو ڇڏي سگهي، پنهنجي عزت بچائڻ جي لاءِ ڪوڙ ڳالهائيندو آهي، ان ڪوڙي عزت جي ڪري غصو ناهي ڇڏي سگهندو، حسد کان ناهي بچي سگهندو، ڪنهن جي خير خواهي ناهي ڪري سگهندو، ٻين جي نصيحت قبول ڪرڻ کان محروم رهندو آهي، ماڻهن جي غيبت ۾ مبتلا ٿي ويندو آهي مطلب ته متڪبر ماڻهو پنهنجو ڀرم رکڻ جي لاءِ هر برائي ڪرڻ تي مجبور ۽ هر سٺي ڪم ڪرڻ کان لاچار ٿي ويندو آهي۔“ (احياء العلوم، ج۳ ،ص ۴۲۳) وڌيڪ فرمائن ٿا: تڪبُّر جو اظهار ڪڏهن ته انسان جي عادتن ۽ طور طريقن سان ٿيندو آهي جيئن ناراض ٿيڻ، بيزار ٿيڻ، نرڙ تي گهنج هڻڻ، مٿي کي هڪ طرف جهڪائڻ، ڄنگھ تي ڄنگھ رکي ويهڻ، ٽيڪ لڳائي کائڻ، آڪڙجي هلڻ وغيره ۽ ڪڏهن ڳالهائڻ سان مثلاً هي چوڻ: ”(تون منهنجي سامهون ڪجھ به نه آهين) تنهنجي اها هِمّت جو مون کي جواب ٿو ڏئين“ وغيره وغيره۔ مطلب ته مختلف حالن، ڳالهين ۽ ڪمن جي ذريعي تڪبّر جو اظهار ٿي سگهي ٿو۔ وري ڪِن مغرورن ۾ اظهار جا سڀ انداز ڏٺا ويندا آهن ۽ ڪِن مُتَڪَبِّرن ۾ ڪجهه۔ پر ياد رهي ته اهي سڀ ڳالهيون اُن وقت تڪبر جي دائري ۾ اينديون، جڏهن ته دل ۾ تڪبر موجود هجي، فقط انهن شين کي تڪبر نٿو چئي سگهجي۔ (ماخوذ از احياء العلوم ، ۳/۴۳۴)
پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! ياد رهي ته ”تڪبُّر“ جي ضروري معلومات ۽ ان مهلڪ (يعني هلاڪ ڪرڻ واري) مرض کان بچڻ جي طريقن کي ڄاڻڻ به فرض آهي ۽ هاڻي اسان ٻڌو ته تڪبُّر ڪيتري قدر هلاڪت ڪندڙ بيماري آهي جو جنهن بدنصيب کي اها بيماري لڳي وڃي ان کي تباهي ۽ بربادي جي ڏاڪڻ تي بيهاريندي آهي ۽ نيٺ ان کي جهنم جو حقدار بڻائيندي آهي، تنهنڪري عافيت انهيء ۾ آهي ته اسان پنهنجي ڪمزور بدن تي رحم ڪريون ۽ جهنم جي تباھ ڪارين کان پنهنجو پاڻ کي ڊيڄاريون، جڏهن به نفس ۽ شيطان ڪنهن مسلمان کي حقير سمجھي ۽ غرور ۽ تڪبُّر جو مظاهرو ڪرڻ