Book Name:Shan-e-Farooq-e-Azam
حضرت عبدُالله بن عمر رَضِىَ اللهُ عَنْهمَا فرمائن ٿا ته: جڏهن ڪنهن معاملي ۾ مختلف صحابَه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان کان راءِ طلب ڪئي ويندي هئي ۽ گڏوگڏ منهنجا والدِ گرامي حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه به پنهنجي راءِ پيش ڪندا ها ته قرآنِ ڪريم سندن راءِ جي مطابق نازل ٿيندو هو۔
(فضائل الصحابة،و من فضائل عمر بن الخطاب،۱ /۴۱۵، حديث:۴۸۸، تاريخ الخلفاء، ص۹۶)
پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! قرآنِ پاڪ جون ڪم و بيش ويھ (20) آيتون اهڙيون آهن جيڪي اَمِيرُالمؤمنين حَضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه جي قول يا فعل جي موافقت (Conformity) ۾ نازل ٿيون۔ اچو! اهڙيون ئي ڪجھ آيت سڳوريون ۽ انهن جو شانِ نزول ٻڌون ٿا:
پهرين آيتِ مبارڪه مقامِ ابراهيم بابت
حديث جي مشهور ڪتاب بخاري شريف ۾ حضرت انس بن مالڪ رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي ته اَمِيرُالمؤمنين حَضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه جن ارشاد فرمايو ته ٽن ڳالهين ۾ ربِّ ڪريم جي طرفان منهنجي موافقت ٿي (انهن مان هڪ اها به آهي ته) مون بارگاھ رسالت ۾ عرض ڪيو: لَوِ اتَّخَذْنَا مِنْ مَّقَامِ اِبْرَاهِيمَ مُصَلًّي يعني يارَسُولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! جيڪڏهن اسان مقامِ ابراهيم کي مُصَلّٰي (يعني نماز پڙھڻ جو هنڌ) بڻايون (ته ڪيئن رهندو؟) ته الله پاڪ اها ئي آيت سڳوري منهنجي تائيد ۾ نازل فرمائي مقامِ ابراهيم کي مُصَلّٰي بنائڻ جو حڪم ارشاد فرمائي ڇڏيو: ﴿اتَّخَذُو مِنْ مَّقَامِ اِبْرَاهِيمَ مُصَلًّى (پ۱، البقرة:۱۲۵) ترجمو ڪنزُالايمان: ۽ ابراهيم جي بيهڻ جي جاءِ کي نماز پڙهڻ جي جاءِ مقرر ڪري وٺو.
(بخاري، ڪتاب الصلوة، باب ما جاء في القبلة۔۔۔الخ، ۱/۱۵۸، حديث:۴۰۲ ملتقطا)
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
اي عاشقانِ صحابه ۽ اهل بيت! هاڻي اسان ٻڌو ته مقامِ ابراهيم کي نماز پڙھڻ جي جڳھ بنائڻ جو مشورو اَمِيرُالمؤمنين حَضرتِ عمر فاروقِ اعظم جو