Shan-e-Farooq-e-Azam

Book Name:Shan-e-Farooq-e-Azam

ڪريو۔ تمام ذمه دارانِ دعوتِ اسلامي ته هن رسالي جو لازمي مطالعو ڪن، اهو رسالو مڪتبة المدينه تي دستياب هئڻ سان گڏوگڏ دعوتِ اسلامي جي ويب سائٽ www.dawateislami .net تان به پڙھي سگھجي ٿو۔

    هن رسالي جي مطالعي جي برڪت سان اوهان کي خبر پوندي ٭ مدني مذاڪري جي اهميت ٭ اجتماعي مدني مذاڪري ۾ شرڪت جا طريقا ٭ مدني مذاڪري جي باري ۾ اميرِ اهلسنت جا مدني گل ٭ مدني مذاڪري جي باري ۾ مرڪزي مجلس شوري جا مدني گل ٭ مدني مذاڪري جا 26 مدني گل ٭ مدني مذاڪري جون شرعي ۽ تنظيمي احتياطون وغيره۔

  اچو! تَرغِيب لاءِ هڪ مَدَني بَهار ٻڌو ۽ پابندي سان مدني مذاڪري ۾ شرڪت جي نِيت ڪريو،

مَدَني مذاڪري جي بَرَڪت

حيدر آباد (سنڌ) جي علائقي ڦليلي جي رهائشي اسلامي ڀاءُ جي زندگي جا قيمتي ڏينهن غفلت ۾ گذري رهيا هئا جو خوش قسمتي سان هڪ ڀيرو ڪنهن مبلغِ دعوتِ اسلامي سان ملاقات ٿي، دورانِ گفتگو انهن مون کان پڇيو؛ ته ڇا اوهان اميرِ اهلسنّت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه جا بيان ٻڌندا آهيو؟ مون چيو نه ته هو چوڻ لڳو ته اميرِ اهلسنّت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه فرمائن ٿا: جيڪو روزانو هڪ بيان ٻڌي ٿو، مان ان سان خوش ٿيندو آهيان۔ انهن لفظن ان اسلامي ڀاءُ جي دل ۾ پنهنجي مرشدِ ڪريم سان لڪيل محبت کي جاڳائي وڌو پوءِ ان روزانو هڪ مدني مذاڪرو ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪئي۔ امير اهلسنت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي پُرتاثير گفتگو جي برڪت سان ڏينهون ڏينهن گناهن کان نفرت ۽ نيڪين سان محبت وڌڻ لڳي، اڃا ڪجھ ئي مَدَني مذاڪرا ٻڌا هئا جو ان جي حُليي، ڪردار ۽ اَندازِزِندگي ۾ تبديلي اچڻ لڳي، ان کي نه رڳو سنتن تي عمل جو جذبو مليو، اَلْحَمْدُ لِلّٰه هو مَدَني ڪمن ۾ به دلچسپي وٺڻ لڳو۔ الغرض هنن مَدَني مُذَاڪرن جي ذريعي اميرِ اهلسنّت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه اهڙي مدني تربيت فرمائي جو 26