Book Name:Shan-e-Farooq-e-Azam
فرمائي وئي ۽ فرعون ۽ ان جا پيروڪار هلاڪ ٿيا۔ انهيء مهيني ۾ حضرت نوح عَلَيۡهِ السَّلَام جي ٻيڙي ”جُودي جبل“ تي بيٺي۔ انهيء مهيني ۾ حضرت يونس عَلَيۡهِ السَّلَام کي مڇي جي پيٽ مان نجات ملي۔ انهيء مهيني ۾ حضرت آدم عَلَيۡهِ السَّلَام جي توبه قبول ٿي۔ (عمدة القاري ،ڪتاب الصوم، تحت الباب صيام يوم عاشوراء،۸/۲۳۳ملخصاً ) ان کان علاوه ٻيون به کوڙ نسبتون آهن پر ان جي پهرين تاريخ کي اَمِيرُالمؤمنين، مُسلمانن جي عظيم خليفي، حَضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه سان به نسبت آهي جو انهيء ڏينهن سندن شهادت ٿي۔ انهيء مناسبت سان اڄ اسان حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه جي شان بابت بيان ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪنداسين۔ الله ڪري ته اسان پورو بيان سٺين سٺين نيتن سان ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪرڻ وارا بڻجي وڃون۔ اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ
اچو! سڀ کان پهريان هڪ حڪايت ٻڌون ٿا:
حق ۽ صداقت جي امين جو جنّتي محل
دعوتِ اسلامي جي اشاعتي اداري مڪتبة المدينه جي ڪتاب ”فيضانِ فاروقِ اعظم“ جلد 2 جي صفحي 169 تي آهي: اَمِيرُالمؤمنين حَضرت علي المرتضي شير خدا کرَّمَ اللّٰه وَجْهه الْکرِيم کان روايت آهي ته هڪ ڀيري حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه بارگاھِ رسالت ۾ عرض ڪيو: يارَسُولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! مون کي ٻڌايو ته معراج واري رات اوهان جنت ۾ ڇا ڇا ڏٺو؟ ٻنهي جهانن جي سردار آقا، معراج واري مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن اِرشاد فرمايو: اي عمر بن خطاب! جيڪڏهن مان توهان جي وچ ۾ ايترو عرصو رهان جيترو عرصو حضرت نوح عَلَيۡهِ السَّلَام پنهنجي قوم ۾ (هڪ هزار سال تائين) رهيا ۽ پوءِ مان توهان کي اهي جنّتي واقعا ۽ مشاهدا ٻڌايان تڏهن به اهي ختم نه ٿين۔ پر اي عمر! جڏهن اوهان مون کي اهو چيو ئي آهي ته مون کي جنت جون ڳالهيون ٻڌايو ته پوءِ مان اوهان کي اها ڳالھ ٻڌايان ٿو جو مون توکان علاوه ڪنهن کي نه ٻڌائي آهي۔ (۽ اها هي آهي ته) مون جنت ۾ هڪ اهڙو عاليشان محل ڏٺو جنهن