Shan-e-Farooq-e-Azam

Book Name:Shan-e-Farooq-e-Azam

رسول جي مدني تحريڪ دعوتِ اسلامي سڄي دُنيا ۾ نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جي لاءِ هاڻي تائين 107 شُعبن جي ذريعي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ مسلمانن جي اصلاح جي ڪوشش ڪري رهي آهي، انهن شُعبن مان هڪ شعبو ’’مجلسِ تَراجِم‘‘ به آهي، جيڪو اميرِاهلسُنَّت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه ۽ مڪتبةُ المدينه جي ڪتابن ۽ رسالن جو مُختلف زَبانن ۾ تَرجمو ڪرڻ جي خِدمت سَر اَنجام ڏئي رهيو آهي ته جيئن اُردو پڙھڻ وارن سان گڏوگڏ دُنيا جون ٻيون زبانون ڳالهائڻ وارا ڪروڙين ماڻهو به فيض ياب ٿي سگھن ۽ انهن جو به هي مدني ذِهن بڻجي وڃي ته مون کي پنهنجي ۽ سڄي دُنيا جي ماڻهن جي اِصلاح جي ڪوشش ڪرڻي آهي۔ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه۔

تمام ٿوري عرصي ۾ هينئر تائين ان مجلس تحت دُنيا جي مختلف زَبانن ۾اميرِ اَهلسُنَّت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه جي ڪيئي تَصنيفن ۽ مڪتبةُ المدينه جي ڪتابن ۽ رسالن جو تَرجمو ٿي چُڪو آهي۔ اسان کي به کپي ته مڪتبةُ المدينه جي ڪتابن ۽ رَسالن جو پاڻ به مُطالَعو ڪيون ۽ پنهنجي دوستن عزيزن کي به پڙھڻ جي ترغيب ڏياريون، ورهائڻ جو سلسلو به جاري رکون ۽ ٿي سگھي ته نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جي نيت سان تحفن ۾ ڪتاب ۽ رسالا ڏيندا رهون۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اِختِتام ڏانهن آڻيندي سُنّت جي فضيلت، ڪجھ سُنّتون ۽ آداب بَيان ڪرڻ جي سَعادَت حاصِل ڪيان ٿو۔ تاجدارِ رسالت، شَهنْشاھ نُبُوتصَلَّي اللهُ تَعَالٰي عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمانِ جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سُنّت سان مَحَبَّت ڪئي ان مون سان مَحَبَّت ڪئي ۽ جنهن مون سان مَحَبَّت ڪئي هو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو۔ (مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،الفصل الثانی،۱/۵۵،حدیث:۱۷۵)

ان کی سنَّت کا جو آئنہ دار ہے                               بس وُہی تَو جہاں میں سمجھدار ہے

مهمان نوازي جون سنتون ۽ آداب