Shan-e-Farooq-e-Azam

Book Name:Shan-e-Farooq-e-Azam

فضيلتون ٻڌي به اَمِيرُالمؤمنين حَضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه عاجزي ۽ اِنڪساري جا پيڪر رهيا ۽ ڏسڻ وارن اهو به ڏٺو ته هن واقعي کان پوءِ سيدنا فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه جي چهري تي ڪڏهن کل نه ڏٺي، ايستائين جو پاڻ دنيا مان تشريف کڻي ويا۔ اي ڪاش! سيدنا فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه جي صدقي اسان کي به حقيقي عاجزي ۽ اِنڪساري نصيب ٿي وڃي۔

      هن ۾ ڪو شڪ ناهي ته فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه عاجزي ۽ انڪساري جا پيڪر هئا، اچو! سندن عاجزي ڀريو هڪ ٻيو ايمان افروز واقعو ٻڌون ٿا:

اوچتو ٻه (2) شينهن سامهون آيا

          مَنقُول آهي ته روم جي بادشاھ جو موڪليل هڪ عجمي شخص مَدِينَةُ المُنَوَّرَه آيو ۽ ماڻهن کان حضرت سَيدُنا عُمَر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه جو پتو پُڇيائين، ماڻهن ٻڌايو ته اُهي منجھند جو شهر کان ڪجھ پري کجور جي باغن ۾ آرام ڪندي اوهان کي ملندا، اهو عجمي شخص ڳولا ڪندي سندن رَضِىَ اللهُ عَنْه وٽ پهتو ۽ اِهو ڏٺائين ته پاڻ پنهنجي چمڙي جو دُرَّو پنهنجي مٿي هيٺان رکي زمين تي پڪي ننڊ ستا پيا آهن۔ عجمي شخص اِن ارادي سان تلوار کي مياڻ مان ڪڍي اڳتي وڌيو ته اَمِيرُ المؤمنين رَضِىَ اللهُ عَنْه کي قتل ڪري ڀڄي وڃي، پر اهو جيئن ئي اڳتي وڌيو، اوچتو ان ڏٺو ته ٻه (2) شينهن وات ڦاڙي، ان تي حملو ڪرڻ وارا آهن۔ اهو خوفناڪ منظر ڏسي اهو خوف ۽ ڊپ سبب رڙيون ڪرڻ لڳو، جنهن سبب اَمِيرُالمؤمنين رَضِىَ اللهُ عَنْه جاڳي پيا ۽ ڏٺائون ته عجمي شخص اُگھاڙي تلوار هٿ ۾ کڻي نهايت ڏڪي رهيو آهي۔ سندن ان جي رڙ ۽ دَهشَت جو سبب معلوم ڪيو ته ان سَچ سَچ سمورو واقِعو بيان ڪري ڇڏيو پوءِ ان بلند آواز سان ڪلمو پڙھي اِسلام قبول ڪري ورتو ۽ اَمِيرُالمؤمنين رَضِىَ اللهُ عَنْه ان سان نهايت ئي شَفقَت ڀريو ورتاؤ ڪري ان جي قُصُور کي مُعاف ڪري ڇڏيو۔  (ازالة الخفاء،فصل رابع، ۴/۱۰۹)

خدا کے فضل سے میں ہوں گدا فاروقِ اعظم کا