Shan-e-Farooq-e-Azam

Book Name:Shan-e-Farooq-e-Azam

موافقت ۾ حجاب بابت اها آيت نازل ٿي:

یٰۤاَیُّهَا النَّبِیُّ قُلْ لِّاَزْوَاجِكَ وَ بَنٰتِكَ وَ نِسَآءِ الْمُؤْمِنِیْنَ یُدْنِیْنَ عَلَیْهِنَّ مِنْ جَلَابِیْبِهِنَّؕ-ذٰلِكَ اَدْنٰۤى اَنْ یُّعْرَفْنَ فَلَا یُؤْذَیْنَؕ-وَ كَانَ اللّٰهُ غَفُوْرًا رَّحِیْمًا(۵۹)  (پ۲۲،الاحزاب:۵۹)                                   

ترجمو ڪنزالايمان: اي نبي پنهنجي بيبين ۽ صاحبزادين ۽ مسلمانن جي عورتن کي فرماءِ ته پنهنجي چادرن جو هڪ حصو پنهنجي منهن تي رکن هي وڌيڪ ويجهو آهي جو سندن سڃاڻپ ٿي جيئن تڪليف نه ڏنيون وڃن ۽ الله بخشڻهار مهربان آهي. (بخاري، ڪتاب التفسير، باب قوله لا تدخلوا۔۔۔الخ، ۳/۳۰۴، حديث:۴۷۹۰)

      پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! تفسير صراطُ الجِنان ۾ هن آيتِ ڪريمه تحت آهي: (هن آيت ۾ الله پاڪ) ارشاد فرمايو ته اي پيارا حبيب! صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ، اوهان پنهنجي اَزواجِ مُطَهرات، پنهنجي صاحبزادين ۽ مسلمانن جي عورتن کي فرمايو ته جڏهن انهن کي ڪنهن حاجت جي لاءِ گھران ٻاهر نڪرڻو پوي ته هو پنهنجي چادرن جو هڪ حصو پنهنجي چهري تي رکن۔ (صراط الجنان، ۸/۹۴)

پردو ۽ خواتين

      اي عاشقانِ رسول! هن آيتِ سڳوري ۾ سڀني مسلمان عورتن کي حڪم ڏنو پيو وڃي ته جڏهن به ٻاهر نڪرن ته حجاب (پردو) ڪري ۽ چڱي طرح جسم ڍڪي ٻاهر نڪرن۔ پر افسوس! اڄ غيرن جي طرفان ملندڙ بي شرمي ۽ بي حيائي سان ڀرپور انڌي تهذيب معاشري ۾ قائم شرم ۽ حيا جي چادر کي ٽڪرا ٽڪرا ڪندي نظر اچي رهي آهي۔

      اَلْحَمْدُ لِلّٰہ اسان جي دينِ اسلام کي اهو اعزاز (Honour) حاصل آهي ته ان پاڪيزه معاشري جي قيام جي لاءِ اسان کي سنهري اُصول عطا ڪيا آهن۔ اهي شيون جيڪي معاشري ۾ شرم و حيا کي عام ڪرڻ ۾ رڪاوٽ آهن، اسان جي دين انهن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ به انتهائي احسن ۽ پياري تعليمات عطا