Shan-e-Farooq-e-Azam

Book Name:Shan-e-Farooq-e-Azam

اسان مان هڪ تعداد آهي جن کي ڪو منصب ملي وڃي، ڪو وڏو عهدو ملي وڃي ته مغرور ٿي ويندا آهن، ڪجھ ته مَعَاذَالله ٻين کي حقير سمجھندا آهن ۽ انهن جي آڪڙ ختم ئي ناهي ٿيندي۔

 جڏهن ته جيڪي دُنياوي مال ۽ دولت ۽ شهرت جا مالڪ آهن انهن کي ته وڌيڪ اِحتياط جي حاجت آهي ته ڪٿي اهي دُنياوي نعمتون انهن کي تڪبُّر جي آفت ۾ مبُتلا ڪري الله پاڪ جي ناراضگي جو سبب نه بڻجي وڃن، تڪبُّر اهڙي بُري صفت آهي جو جنهن جي ڪري انسان دنيا ۽ آخرت ۾ ذليل ۽ رُسوا ٿي ويندو آهي جيئن نبي مُڪرَّم، نُورِ مُجسَّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمانِ مُعَظّم آهي: ”جيڪو الله پاڪ جي لاءِ عاجزي اختيار ڪري، الله پاڪ ان کي بلندي عطا فرمائيندو، اهو پاڻ کي ڪمزور سمجهندو پر ماڻهن جي نظرن ۾ عظيم هوندو ۽ جيڪو تڪبر ڪري الله پاڪ ان کي ذليل ڪري ڇڏيندو، اهو ماڻهن جي نظرن ۾ ڪمتر هوندو پر پاڻ کي بهتر سمجهندو هوندو ايستائين جو اهو ماڻهن وٽ ڪُتي ۽ خنزير کان به بدتر ٿي ويندو آهي۔ (ڪنزالعمال ڪتاب الاخلاق ، قسم الاقوال، ۲/۵۰، حديث:۵۷۳۴)

هڪ ٻي هنڌ تي آقا ڪريم، رؤف رحيم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايائون: جنهن جي دل ۾ رائي جي داڻي جيترو به ايمان هوندو، اهو جهنّم ۾ داخل نه ٿيندو ۽ جنهن جي دل ۾ رائي جي داڻي جيترو تڪبّر هوندو اهو جنّت ۾ داخل نه ٿيندو۔'' (مسلم، ڪتاب الايمان،باب تحريم الڪبر وبيانه ،ص۶۱، حديث:۱۴۸)

تڪبُّر جون نشانيون ۽ نقصان:

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! تڪبر اهڙو مُهلِڪ (يعني هلاڪ ڪرڻ وارو) باطني مرض آهي جيڪو پاڻ سان گڏ ٻين ڪيترين ئي براين کي آڻيندو آهي ۽ ڪيترين ئي چڱائين کان انسان کي محروم ڪندو آهي۔ حُجَّةُ الِاسلام حضرت سيدنا امام محمد بن محمد غزالي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه لکن ٿا: مغرور شخص جيڪو ڪجهه پنهنجي لاءِ پسند ڪندو آهي اهو پنهنجي مسلمان ڀاءُ جي لاءِ پسند ناهي  ڪري