Share this link via
Personality Websites!
اسان مان هڪ تعداد آهي جن کي ڪو منصب ملي وڃي، ڪو وڏو عهدو ملي وڃي ته مغرور ٿي ويندا آهن، ڪجھ ته مَعَاذَالله ٻين کي حقير سمجھندا آهن ۽ انهن جي آڪڙ ختم ئي ناهي ٿيندي۔
جڏهن ته جيڪي دُنياوي مال ۽ دولت ۽ شهرت جا مالڪ آهن انهن کي ته وڌيڪ اِحتياط جي حاجت آهي ته ڪٿي اهي دُنياوي نعمتون انهن کي تڪبُّر جي آفت ۾ مبُتلا ڪري الله پاڪ جي ناراضگي جو سبب نه بڻجي وڃن، تڪبُّر اهڙي بُري صفت آهي جو جنهن جي ڪري انسان دنيا ۽ آخرت ۾ ذليل ۽ رُسوا ٿي ويندو آهي جيئن نبي مُڪرَّم، نُورِ مُجسَّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمانِ مُعَظّم آهي: ”جيڪو الله پاڪ جي لاءِ عاجزي اختيار ڪري، الله پاڪ ان کي بلندي عطا فرمائيندو، اهو پاڻ کي ڪمزور سمجهندو پر ماڻهن جي نظرن ۾ عظيم هوندو ۽ جيڪو تڪبر ڪري الله پاڪ ان کي ذليل ڪري ڇڏيندو، اهو ماڻهن جي نظرن ۾ ڪمتر هوندو پر پاڻ کي بهتر سمجهندو هوندو ايستائين جو اهو ماڻهن وٽ ڪُتي ۽ خنزير کان به بدتر ٿي ويندو آهي۔ (ڪنزالعمال ڪتاب الاخلاق ، قسم الاقوال، ۲/۵۰، حديث:۵۷۳۴)
هڪ ٻي هنڌ تي آقا ڪريم، رؤف رحيم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايائون: جنهن جي دل ۾ رائي جي داڻي جيترو به ايمان هوندو، اهو جهنّم ۾ داخل نه ٿيندو ۽ جنهن جي دل ۾ رائي جي داڻي جيترو تڪبّر هوندو اهو جنّت ۾ داخل نه ٿيندو۔'' (مسلم، ڪتاب الايمان،باب تحريم الڪبر وبيانه ،ص۶۱، حديث:۱۴۸)
پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! تڪبر اهڙو مُهلِڪ (يعني هلاڪ ڪرڻ وارو) باطني مرض آهي جيڪو پاڻ سان گڏ ٻين ڪيترين ئي براين کي آڻيندو آهي ۽ ڪيترين ئي چڱائين کان انسان کي محروم ڪندو آهي۔ حُجَّةُ الِاسلام حضرت سيدنا امام محمد بن محمد غزالي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه لکن ٿا: مغرور شخص جيڪو ڪجهه پنهنجي لاءِ پسند ڪندو آهي اهو پنهنجي مسلمان ڀاءُ جي لاءِ پسند ناهي ڪري
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami