Shan-e-Farooq-e-Azam

Book Name:Shan-e-Farooq-e-Azam

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت“ حصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتاب سنتیں اور آداباميرِ اهلسنت دَامَتْ بَرَکاتُهمُ الْعَالِيه جا ٻه رسالا ”101 مدني گل“ ۽ ”163 مدني گل هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهوـ سنتن جي تربيت جو هڪ بهترين ذريعو دعوت اسلامي جي مدني قافلن ۾ عاشقان رسول سان گڏ سنتن ڀريو سفر آهي.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                         صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

ايندڙ هفتيواراجتماع جي بيان جون جھلڪيون

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ!        آئنده هفتيوار سنتن ڀري اِجتماع جو موضوع هوندو: ”فيضانِ محرم الحرام“ اسلامي سال جو آغازمحرّم الحرام جي بابرڪت مهيني سان ٿيندو آهي، ربِّ ڪريم اسان کي اسلامي سال جي هن پهرين مهيني ۾ ئي اجروثواب حاصل ڪرڻ جا کوڙ موقعا عطا فرمايا آهن، انهيء مناسبت سان ايندڙ هفتي جي بيان ۾ اسان محرم الحرام جون فضيلتون، هن ۾ عبادت ڪرڻ جون برڪتون، روزا رکڻ، مسلمانن سان خيرخواهي ڪرڻ ۽ راھ خُدا ۾ خرچ ڪرڻ جي فضيلتن سان گڏوگڏ هن مقدّس مهيني ۾ بزرگن جي عبادت ڪرڻ جا واقعا به ٻڌنداسين، لهٰذا! آئنده جمعرات به اجتماع ۾ حاضري جي نيت ڪريو، نه صرف پاڻ اچڻ جي بلڪ اِنفرادي ڪوشش ڪري ٻين کي به گڏ آڻڻ جي نيت ڪريو ۽ هٿ کڻي زور سان چئو:  اِنْ شَــآءَالـلّٰـه عَزَّوَجَلَّ

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد