Shan-e-Farooq-e-Azam

Book Name:Shan-e-Farooq-e-Azam

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! اَلْحَمْدُ لِلّٰه دعوتِ اسلامي جي مدني ماحول ۾ سنّتن تي عمل ڪرڻ، گناهن کان بچڻ ۽ نيڪ بڻجڻ ۽ نيڪن جي نقشِ قدم تي هلڻ جو ذهن ڏنو ويندو آهي، اوهان به عاشِقانِ رسول جي مَدَني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي مَدَني ماحول سان وابسته ٿي وڃو ۽ ذيلي حلقي جي 12 مَدَني ڪمن ۾ وڌ کان وڌ حصو وٺڻ وارا بڻجي وڃو۔

12مدني ڪمن مان هڪ مدني ڪم ’’هفتيوار مدني مذاڪرو‘‘

 ذيلي حلقي جي 12 مَدَني ڪمن مان هفتيوار هڪ مَدَني ڪم ”مَدَني مذاڪرو“ به آهي۔ هن مدني ڪم جا بي شُمار ديني ۽ دُنيوي فائدا آهن، ٭ مدني مذاڪري جي برڪت سان گناهن کان بچڻ جو ذِهن ملندو آهي۔ ٭ مدني مذاڪري جي برڪت سان علمِ دِين حاصل ٿيندو آهي۔ ٭ مدني مذاڪري جي برڪت سان شرم و حيا جهڙي نيڪ ۽ چڱي خصلت کي نکارڻ جو ذهن بڻجند آهي۔ ٭ مدني مذاڪري جي برڪت سان سنتن تي عمل جو ذهن ملندو آهي۔ ٭ مدني مذاڪري جي برڪت سان دِيني معلومات (Islamic knowledge) سان گڏ اَخلاقي تربيت به نصيب ٿيندي آهي۔ اَلْحَمْدُلِلّٰه! هن مدني ڪم جي برڪت سان بيشُمار ماڻهو گناهن ڀري زندگي ڇڏي نيڪيون ڪرڻ وارا بڻجي ويا۔

   بعض اسلامي ڀائر مدني مذاڪري ۾ شرڪت کان ان ڪري سستي ڪن ٿا جو رات جو گھڻي دير ٿي ويندي آهي جنهن جي ڪري ننڊ پوري ناهي ٿيندي۔ سوچڻ گھرجي ته دنيوي محفلون هجن ۽ رات دير تائين جاري رهن، تڏهن اتي هن طرح جا وسوسا نٿا اچن۔ رات دير تائين شادين ۾ به ته شرڪت ڪئي ويندي آهي۔ رات دير تائين مختلف دعوتن ۾ به ته شرڪت ڪئي ويندي آهي۔ رات دير تائين پنهنجا ذاتي ڪم به ته ڪيا ويندا آهن، رات دير تائين سوشل ميڊيا (Social Media) جو به ته استعمال ڪيو ويندو آهي، رات دير تائين ٻيا به مختلف ڪم ڪيا ويندا آهن۔ جڏهن اهڙن ڪمن جي لاءِ وقت ڪڍيو ويندو آهي