Shan-e-Farooq-e-Azam

Book Name:Shan-e-Farooq-e-Azam

خدا ان کا محمد مصطفےٰ فاروقِ اعظم کا

کرم اللہ کا ہر دم نبی کی مجھ پہ رحمت  ہے

مجھے ہے دوجہاں میں آسرا فاروقِ اعظم کا

رہے تیری عطا سے یاخدا! تیری عنایت سے

ہمارے ہاتھ میں دامن سدا فاروقِ اعظم کا

 (وسائلِ بخشش مرمم،ص۵۲۶)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! غور ڪريو ته حَضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه اَمِيرُالمؤمنين هئا، ساڍا ٻاويھ لک چورس ميل تي اڪيلا حڪمران هئا، هزارن جي تعداد تي مشتمل فوج جا ڪمانڊر ۽ لکين ڪروڙين ماڻهو کين جي ماتحت هئا، پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنْه جيڪڏهن چاهن ها ته عالي شان مَحل ٺهرائن ها، انهن محلن ۾ هر طرح جي سهولتن (Facilities) جو انتظام ڪن ها، انهن محلن ۾ دنيا جهان جي سجاوٽ گڏ ڪن ها، انهن محلن ۾ دل فريب ساوڪ ڪن ها، وڏا وڏا باغ تعمير ڪن ها، خوبصورت پکي ۽ دلڪش جانور گڏ ڪن ها، صاف پاڻي جا عاليشان حوض ٺهرائن ها، نوڪرن ۽ غلامن جي اچ وڃ هجي ها، انهن محلن ۾ عاليشان ڪمرا ٺهرائي انهن ۾ ريشم جا قالين ۽ پردا لڳرائن ها، آرام ڪرڻ لاءِ آرام ده بستر رکن ها، مطلب ته جيڪڏهن حضرت فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه چاهين ها ته عيش ۽ عشرت سان ڀرپور زندگي گذارين ها، پر پاڻ اهڙو ڪجھ نه ڪيائون بلڪ حال اهو هو جو پاڻ زمين تي ئي آرام فرمائي رهيا آهن۔ ٿورو غورڪريو! هڪ پاسي ته مسلمانن جو ٻيو خليفو فارُوقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه آهي جيڪي سمورين سهولتن کي ٺڪرائي عاجزي جو پيڪر بڻجي رهيا ۽ ٻي پاسي اسان آهيون جو دولت ۽ دُنياوي مرتبي ۽ منصب جي نشي ۾ مدهوش ٿي خبر ناهي ڇو غُرور ۽ تڪبُّر ۾ مبتلا ٿيندا پيا وڃون۔