Shan-e-Farooq-e-Azam

Book Name:Shan-e-Farooq-e-Azam

تي اُڀارين ته انسان کي پنهنجي ماضي، پنهنجي اوقات ۽ الله پاڪ جي عطائن تي غور ڪرڻ گھرجي۔ الله پاڪ اسان سڀني کي عاجزي اختيار ڪرڻ ۽ تڪبُّر کان بچڻ جي توفيق عطا فرمائي۔

آمِينْ بِجَاه النَّبِي الْاَمِينْ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ

فخر و غُرور سے تُو مولیٰ مجھے بچانا

یا ربّ! مجھے بنا دے پیکر تُو عاجزی کا

(وسائلِ بخشش مُرمّم،ص۱۷۸)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

      پيارا پيارا اسلامي ڀائرو! پهرين حڪايت ۾ اسان ٻڌو ته حضرت جبريلِ امين عَلَيۡهِ السَّلَام اَمِيرُالمؤمنين حَضرتِ عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه جو وصف اهو بيان فرمايو هو ته حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه حق ڳالھ ڪن ٿا، حق جي  طرف هدايت ڏين ٿا ۽ حق سان ئي ان دنيا کان تشريف کڻي ويا، واقعي اَمِيرُالمؤمنين حَضرتِ عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه جو شان اهو هو ته سندن  جي زبان مان حق ئي نڪرندو هو، پاڻ حق ئي جي طرف هدايت ڏيندا هئا ۽ حق سان گڏ ئي هن دنيا مان تشريف کڻي ويا، ان کان وڌيڪ سندن جي حق فرمائڻ جو ٻيو ڇا دليل ٿي سگھي ٿو جو ڪيئي ڀيرا ائين ٿيو جو اَمِيرُالمؤمنين حَضرتِ عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه جنهن باري ۾ ڪجھ فرمائيندا ها ته قرآنِ پاڪ جون آيتون انهيء مضمون سان گڏ نازل ٿينديون هيون جيڪو حضرت عمر رَضِىَ اللهُ عَنْه جن فرمايو هوندو هو۔

   حضرت مجاهد رَضِىَ اللهُ عَنْه کان روايت آهي، فرمائن ٿا: کَانَ عُمَرُ یَرَی الرَّاْیَ فَیَنْزِلُ بِہِ الْقُرْآنُ يعني اَمِيرُالمؤمنين حَضرتِ عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه جڏهن ڪا راءِ (Opinion) پيش فرمائندا ها ته ان جي مطابق قرآنِ پاڪ جي آيت نازل ٿي ويندي  هئي۔ ( تاريخ الخلفاء، ص۹۶، الصواعق المحرقة، ص۹۹)

   جڏهن ته اَمِيرُالمؤمنين حَضرتِ عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنْه جا صاحبزاده