Book Name:Hazrat Usman-e-Ghani Ki Shan

حاصل ڪنديون سين۔

      الله پاڪ دل جمعي سان شروع کان آخر تائين بيان ٻڌڻ جي توفيق عطا فرمائي۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

مهمان نوازي جو نرالو انداز

   دعوتِ اسلامي جي اشاعتي اداري مڪتبة المدينه جي ڪتاب ”صحابه ڪرام جو عشقِ رسول“ صفحي 53 تي آهي هڪ ڏينهن حضرتِ سيدنا عثمانِ غني رَضِیَ اللهُ عَنْه نبي پاڪ، صاحبِ لولاڪ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي بارگاھ ۾ عرض ڪيو: يارسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! پنهنجي دوستن سان گڏ منهنجي گھر تشريف فرما ٿيو ۽ جيڪو ميسر هجي تناول فرمايو۔ نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن دعوت قبول فرمائي، جڏهن پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ صحابَه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان سان گڏ حضرت سيدنا عثمانِ غني رَضِیَ اللهُ عَنْه جي گھر ڏانهن روانا ٿيا ته حضرت سَيدُنا عثمانِ غني رَضِیَ اللهُ عَنْه پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي پويان هلندي سندن قَدَم مبارڪ ڳڻڻ لڳا، نبيِ پاڪ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: عثمان! منهنجا قدم ڇو ڳڻي رهيا آهيو؟ حضرت سيدنا عثمانِ غني رَضِیَ اللهُ عَنْه عرض ڪيو: يارسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ منهنجا ماءُ پيءُ اوهان تي قُربان! مان چاهيان ٿو ته پاڻ ڪريمن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي تعظيم ۽ توقير جي خاطر سندن هر هر قدم جي بدلي هڪ هڪ غلام (Slave) آزاد ڪيان۔ پوءِ حضرت سيدنا عثمانِ غني رَضِیَ اللهُ عَنْه جي گھر تائين حُضُور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا جيتري قدر قدم مُبارَڪ ٿيا اوتري تعداد ۾ غلام آزاد ڪيائون۔ (جامع المعجزات،ص۲۵۷، ملخصا) (صحابه ڪرام ڪا عشق رسول،ص۵۳ تا ۵۴)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! ڏٺو اوهان! حضرت سيدنا عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه ڪهڙي طرح رسولِ عظيم، نبي ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي عشق ۾ سندن هر هر قدم تي هڪ هڪ غلام آزاد فرمايائون۔ هن مان خبر پئي ته حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي دل ۾ عشقِ رسول ۽ محبتِ رسول جو چراغ روشن هو، عشقِ رسول جي چاشني سندن رڳ رڳ ۾ ڪيتري قدر سرايت ڪري چڪي هئي