Book Name:Hazrat Usman-e-Ghani Ki Shan

اچو!پنهنجي اندر عبادت ۽ تلاوت جو ذوق ۽ شوق بيدار ڪرڻ جي لاءِ 2 فرامينِ مُصطَفي  صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٻڌو ۽ عِبادت ۽ تلاوت ڪرڻ جي عادت بڻايو، جيئن

(1) ارشاد فرمايائون: الله پاڪ فرمائي ٿو: اي انسان! تون منهنجي عبادت جي لاءِ فارغ ٿي وڃ مان تنهنجو سينو غنا کان ڀري ڇڏيندس ۽ تنهنجي محتاجي جو دروازو بند ڪندس ۽ جيڪڏهن تون ائين نه ڪندين ته مان تنهنجا ٻئي هٿ مصروفيات سان ڀري ڇڏيندس ۽ تنهنجي محتاجي جو دروازو بند نه ڪندس۔ (ترمذي، ڪتاب صفة القيامة،باب۳۰، ۴/۲۱۱،حديث: ۲۴۷۴)

 (2) ارشاد فرمايائون: ”بيشڪ ماڻهن مان ڪجھ الله وارا آهن۔“صحابَه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان عرض ڪيو، يارسولَ الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ! اهي ڪير آهن؟ فرمايائون: قرآن پڙھڻ وارا جو اهي ئي الله وارا ۽ خواص (خاص ماڻهن) ۾ شامل آهن۔ (ابن ماجه،ڪتاب السنة،باب فضل من تعلم القرآن وعلمه،۱ /۱۴۰،حديث: ۲۱۵)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

سيدناعثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي ڪرامت

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اسان اَمِيرُالمؤمنين حَضرتِ سَيدُنا عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي سيرت ۽ ڪردار بابت ٻڌي رهيون هيون سين، پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي ذاتِ مبارڪه مان وقت بوقت اهڙين ڪيئي ڪرامتن جو ظهور ٿيو، جن کي ٻڌي عقل دنگ رهجي ويندا آهن، اچو اسان به هڪ ڪرامت ٻڌون ٿايون

هڪ ڀيري هڪ شخص رستي ۾ ڪنهن عورت کي بُري نگاهه سان ڏٺو، پوءِ جڏهن اهو اميرُالمُؤمِنِين حضرت سيدنا عثمان غني رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ جي خدمت باعظمت ۾ حاضر ٿيو ته حضرت اميرُالمُؤمِنين رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ نهايت سخت لهجي ۾ فرمايو: توهان اهڙي حالت ۾ منهنجي سامهون اچو ٿا جو توهان جي اکين ۾ بدڪاري جا اثرات هوندا آهن! ان شخص چيو؛ ڇا رسول الله صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم کان پوءِ هاڻي اوهان تي به وحي نازل ٿيڻ لڳي آهي؟ اوهان کي هي ڪيئن خبر پئي جو منهنجي اکين ۾ بدڪاري جا اثرات آهن؟ ارشاد فرمايائون: مون تي وحي ته نازل ناهي ٿيندي پر مون جيڪو ڪجھ چيو اها بلڪل سچي ڳالهه آهي۔