Book Name:Hazrat Usman-e-Ghani Ki Shan

2۔ ارشاد فرمايائون: ”جَنَّت ۾ هر نبي جو هڪ رفيق هوندو ۽ منهنجو رفيق (ساٿي) عُثمان بن عَفان هوندو۔(ابن عساڪر،عثمانِ بن عفان،۳۹/۱۰۴،حديث:۷۸۸۱)

3۔ ارشاد فرمايائون: ”قيامت جي ڏينهن عُثمان جي شفاعت سان سَتّر هزار (70,000) اهڙا ماڻهو بغير حساب جي جَنَّت ۾ داخل ٿيندا جن تي جَهنَّم واجب ٿي چڪو هوندو۔“ (ابن عساڪر،عثمانِ بن عفان، ۳۹/۱۲۲، حديث:۷۹۱۶)

4۔ ارشاد فرمايائون: ”منهنجي اُمَّت ۾ سڀ کان وڌيڪ شرم ۽ حَيا جا پيڪر ۽ تعظيم ۽ عزت وارا عثمان بن عفّان آهن۔“ (مسندالفردوس ،۱/۲۵۰،حديث: ۱۷۹۰)

5۔ ارشاد فرمايائون: ”منهنجي امت ۾ سڀ کان وڌيڪ با حيا انسان عثمان بن عفّان آهن۔“ (مستدرڪ ، ڪتاب معرفة الصحابة ،باب حبر ھذه الامة عبد الله بن عباس ،۴/۶۸۹،الحديث:۶۳۳۵)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي عبادت

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اسان اَمِيرُالمؤمنين حَضرتِ سَيدُنا عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي باري ۾ ٻڌي رهيون هيوسين۔ پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي پاڪيزه سيرت جو هڪ روشن پهلو اهو به هو ته پاڻ سڄي سڄي رات سجدن ۽ قيام ۾ گذاريندا ها، ڪڏهن سندن راتيون تلاوتِ قرآن ۾ گذرنديون هيون ته ڪڏهن سجدن ۽ قيام جون لذّتون ماڻيندي گذري وينديون هيون، اچو! حصولِ ترغيب جي لاءِ اسان اَمِيرُالمؤمنين حَضرتِ سَيدُنا عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي شوقِ عبادت ۽ تلا وت جا واقعا ٻڌون ٿيون:

1۔ حضرت سيدُنا زبير بن عبدُالله رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه کان روايت آهي ته امير المؤمنين حضرت سيدُنا عثمان رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه هميشه روزو رکندا هئا ۽ ابتدائي رات ۾ ڪجھ آٓرام ڪري پوءِ سڄي رات عبادت ۾ گذاريندا هئا۔ (مصنف ابن ابي شيبة،ڪتاب صلاة التطوع۔۔۔الخ،باب من ڪان يامرالخ،۲/۱۷۳، حديث:۶)

2۔ جڏهن امير المؤمنين حضرت سيدُنا عثمان غني رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه کي شهيد ڪيو ويو ته پاڻ رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه جي گھرواريءَ قاتلن کي فرمايو: توهان ان شخص