Book Name:Hazrat Usman-e-Ghani Ki Shan

آهن جن جي بي پناھ ڪوششن سان پرچمِ اسلام سڄي دنيا ۾ بلند ٿي ويو۔ ٭ صحابه ڪرام اهي هستيون آهن جن دِين جي تبليغ جي لاءِ پنهنجو تن من ڌن سڀ قربان ڪري ڇڏيو۔ ٭ صحابه ڪرام اهي هستيون آهن جن ابتداءِ اسلام جي مشڪل ماحول ۾ بک اُڃ برداشت ڪري، پيٽ تي پٿر ٻڌي، قريبي رشتيدارن جون دشمنيون سهي ۽ انهن سان جنگون وڙهي به پرچمِ اسلام کي اُونچو رکيائون. ٭ صحابه ڪرام اهي هستيون آهن جن جي بيشمار محنتن ۽ لازوال قربانين جو نتيجو آهي جو اڄ اسان الله پاڪ ۽ ان جي پياري رسول عَلَيۡهِ الصَّلٰوةُ وَالسَّلَام جون نالو وٺندڙ آهيون، تنهنڪري اسان کي گھرجي ته اسان اَمِيرُالمؤمنين حَضرتِ سَيدُنا عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه سميت تمام صحابَه ڪرام سان محبت ڪريون ۽ انهن جي محبت پنهنجي اولاد کي به سيکاريون۔

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه جو شان

  پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اسان اَمِيرُالمؤمنين حَضرتِ سَيدُنا عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي سيرت بابت ٻڌي رهيون هيون سين، حَضرتِ سَيدُنا عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي خدمتن جو اندازو ڪير ڪري سگھي ٿو، دين جي خاطر جيڪي قربانيون پاڻ ڏنيون اهي سندن جو ئي حصو هيون۔ ٭ حَضرتِ سَيدُنا عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه اُنهن خوش نصيب صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان ۾ شامل آهن جن شروعِ اسلام ۾ ايمان آندو هو. ٭ حَضرتِ سَيدُنا عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه ٻه ڀيرا راھِ خدا ۾ هجرت جو شرف حاصل ڪيو. ٭ حَضرتِ سَيدُنا عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه اهي شخصيت آهن جن کي جامع القرآن هئڻ جو شرف حاصل آهي، ٭ حَضرتِ سَيدُنا عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه ٻنهي قِبلن ڏانهن نماز پڙھي آهي. ٭ حَضرتِ سَيدُنا عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه جو نالو انهن صحابه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان جي فهرست ۾ شامل آهي جيڪي رشتيدارن جون تمام تر تڪليفون سهڻ جي باوجود ايمان تي ثابت قدم رهيا، ٭ حَضرتِ سَيدُنا عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه کي اهو شرف حاصل آهي ته سراپانُور، شافعِ يوم النُّشور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جون ٻه شَهزاديون هڪ کان پوءِ ٻي سندن جي نڪاح ۾ آيون، ٭ حَضرتِ سَيدُنا عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه سيرت ۾ به بي مثال هئا، صورت ۾ به بي مثال هئا، ٭ حَضرتِ سَيدُنا عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه جو شمار الله ڪريم جي انهن مقرب ٻانهن ۾ آهي جيڪي سڄي سڄي