Book Name:Hazrat Usman-e-Ghani Ki Shan

رب ڪريم مون کي اهڙي فِراست (نوراني بصيرت) عطا فرمائي آهي جنهن سان مان ماڻهن جي دلين جا حالات ۽ خيالات ڄاڻي وٺندو آهيان۔ (طبقات الشافعيه الڪبرٰي للسبڪي ،۲/۳۲۷ ملخصاً)

 صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                     صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! هن ۾ شڪ ناهي ته الله ڪريم پنهنجي نيڪ ۽ پاڪيزه ٻانهن کي اهڙيون صلاحيتون عطا ڪندو آهي جو عام ماڻهن کي ناهن ملنديون، انهن صلاحيتن جي ڪري انهن کان عقل ۾ نه ايندڙ ڪمن جو ظهور ٿيندو آهي جن کي ڪرامت (Saintly miracle) چوندا آهن۔ ڪرامت جي تعريف اها آهي ته الله پاڪ جي ولي کان جيڪا ڳالھ خلافِ عادت صادر ٿئي، ان کي ڪرامت چوندا آهن۔ (بہارِ شریعت،حصہ اول،۱/۵۸ بتغیرقلیل) خلافِ عادت ڳالھ مان مُراد اهو ڪم آهي جيڪو عام طور تي هر ڪنهن انسان کان ظاهر نه ٿيندو هجي مثال طور هوا ۾ اُڏامڻ، پاڻي تي هلڻ وغيره ڪمَ ڇوته عام طور تي ماڻهو نه ئي هوا ۾ اُڏامي سگھي ٿو ۽ نه ئي پاڻي تي هلي سگھي ٿو۔ (فیضانِ مزاراتِ اولیاء،ص۴۶) ياد رکو! ڪرامت جو مُنڪر(يعني اِنڪار ڪرڻ وارو) گمراھ آهي۔ (بہارِ شریعت، حصہ اول،۱/۲۶۹)

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اسان ڪرامت بابت ٻڌي رهيون هيون سين، اَلْحَمْدُ لِلّٰه ذوالحجة الحرام رحمتون ورهائي رهيو آهي، انهيء مهيني جي 19 تاريخ جو خليفهءِ اعليٰ حضرت، صدرالافاضل حضرت علامه مولانا شاهه نعيم الدين مرادآبادي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو يومِ عرس آهي۔ حضرت صدرا لافاضل رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه تمام وڏا عالم، مفتي ۽ الله پاڪ جا ولي هئا، اچو پهريان سندن هڪ ڪرامت ٻڌون ٿيون پوءِ سندن مختصر تعارف به ٻڌنديون سين۔

حضرتِ صدرُالافاضل جي ڪرامت:

حضرتِ مولانا منظور احمد صاحِب گَھوسوي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه پنهنجو اکين ڏٺو احوال بيان فرمائن ٿا ته صاحبِ خزائن العرفان صدر الافاضل حضرت علامہ مولانا سيّد محمد نعيم الدين مُراد آبادي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو روزانو معمول هو ته صبح جي نماز پاڙي واري مسجد ۾ باجماعت ادا فرمائيندا هئا، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي مسجد وڃڻ کان اڳ ۾ ئي هڪ چئن فٽن جي ٿانوء ۾ چانهه جو سامان وڌو ويندو هو ۽ باهه ٻاري ويندي هئي، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جڏهن نماز پڙهي ڪري