Book Name:Hazrat Usman-e-Ghani Ki Shan

کي شهيد ڪيو جيڪو سڄي رات عبادت ڪندو ۽ هڪ رڪعت ۾ قرآنِ ڪريم ختم ڪندو هو۔ (الزھد للامام احمد،زھد عثمانِ بن عفان ،ص ۱۵۳،حديث: ۶۷۳)

3۔ حضرت سيدُنا عبدالرحمن تيمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: مون کي هڪ ڀيري مقامِ ابراهيم تي رات ٿي وئي۔ مان عشاء جي نماز ادا ڪري مقام ابراهيم تي پهتس ايستائين جو مان ان ۾ بيٺس ته ايتري ۾ هڪ شخص منهنجي ڪلهن (Shoulders) جي وچ ۾ هٿ رکيو۔ مون ڏٺو ته اهي امير المؤمنين حضرت سيدُنا عثمان بن عفان رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه هئا۔ ڪجھ دير بعد پاڻ رَضِىَ اللّٰهُ تَعَالٰى عَنْه سورهءِ فاتحه کان قرآنِ ڪريم جي تلاوت شروع ڪئي ايستائين جو سڄو قرآنِ ڪريم ختم ڪيائون۔ (الزھد لابن المبارڪ،باب فضل ذڪرالله،ص۴۵۲،حديث:۱۲۷۶ ملخصاً)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

وقت ناهي ملندو!

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! غور ڪريو! عبادت جا اهڙا معمولات ڪنهن جا آهن؟  اَمِيرُ المؤمنين، حَضرتِ سَيدُنا عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه جا۔ جن جو شان اهو آهي ته انهن کي رسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ٻن شهزادين جو هڪ کان پوءِ ٻيءَ سان نڪاح ٿيڻ جي سعادت ملي، انهن جو شان اهو آهي ته رسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ انهن کي ڪيئي ڀيرا پنهنجي مبارڪ زبان سان جنت جي خوشخبري عطا فرمائي، انهن جو شان اهو آهي ته رَسُولُ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ به انهن سان حياء ڪندا ها، انهن جو شان اهو آهي ته الله ڪريم جا معصوم ملائڪ به انهن کان حيا ڪندا ها، انهن جو شان اهو آهي ته رَسُولُ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ انهن جي خاطر بيعتِ رضوان ورتي، ايتري وڏي رتبي تي فائز هئڻ جي باوجود پاڻ ڪثرت سان عبادت ڪندا ها، تلاوت ڪندا ها ۽ وڌ کان وڌ نيڪ عمل ڪرڻ جي ڪوشش ۾ رهندا ها۔ جڏهن ته ٻئي پاسي اسان جو حال اهو آهي ته اسان جو اڪثر وقت فضوليات ۾ برباد ٿي ويندو آهي، اسان جا ڏينهن رات غفلتن ۾ ڪٽجي ويندا آهن، اسان وٽ نه ئي علمِ دِين سکڻ جي لاءِ وقت، نه لازم عبادتن جي معلومات ڄاڻڻ جي لاءِ وقت، ۽ نه ئي تلاوتِ قرآن جي لاءِ، نه ئي اسان نيڪي جي دعوت ڏيڻ جي لاءِ وقت ڪڍي سگھون ٿيون، نه اسان