Book Name:Hazrat Usman-e-Ghani Ki Shan

رات عبادت ۽ بندگيءَ ۾ گذاري ڇڏيندا هئا، ٭ حَضرتِ سَيدُنا عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه انهن ماڻهن ۾ شامل هئا جيڪي هر وقت خوفِ خدا ۽ تقويٰ ۽ پرهيزگاري سان رهندا هئا، ٭ حَضرتِ سَيدُنا عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه اهڙا تحمل مزاج هئا جو پاڻ جامِ شهادت نوش ڪيائون پر رَسُولُ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي مبارڪ شهر ۾ رتو ڇاڻ نه ٿيڻ ڏنائون، ٭ حَضرتِ سَيدُنا عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه سخاوت ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هئا، ٭ حَضرتِ سَيدُنا عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه حِلم ۽ صبر ۽ شفقت ۾ به پنهنجو مثال پاڻ هئا، ٭ حَضرتِ سَيدُنا عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه عاجزي ۽ انڪساري وارا بزرگ هئا۔

حضرت عُثمانِ غني رَضِیَ اللهُ عَنْه  ۽  اِتباعِ رَسُول

      پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! ٻين پيارن وصفن جيان اَمِيرُالمؤمنين حَضرتِ سَيدُنا عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه اِتباعِ رسول ۾ به پنهنجو مٽ پاڻ ها۔ سردي گرمي جي پرواھ ڪرڻ بنا پنهنجي قولن ۽ فعلن ۾ محبوبِ ربِّ ذُوالجلال صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جون سُنَّتون ۽ ادائون خوب خوب اپنائيندا ها۔ اچو! حضرت سيدنا عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي حضور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي فرمانن ۽ سُنّتن سان محبت بابت 3 واقعا ملاحظه ڪريو۔ جيئن

                              هڪ ڏينهن حضرتِ سيدُنا عثمانِ غني رَضِیَ اللهُ عَنْه مسجد جي دروازي تي ويهي ٻڪري جي دَستي جو گوشت گھرايو ۽ کاڌائون ۽ بِغير تازو وُضو ڪرڻ جي نَماز ادا ڪئي پوءِ فرمايائون: رسولُ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ به هن جاءِ تي ويهي اهو(ٻڪري جي دستي جو گوشت) کاڌو هو ۽ هن طرح ڪيو هو۔ (مُسندِ اِمام احمد بن حنبل ج ۱ص۱۳۷ حديث۴۴۱)

      حضرتِ سيدُنا عُثمانِ غني رَضِیَ اللهُ عَنْه هڪ ڀيري وُضو ڪندي مُرڪڻ لڳا! ماڻهن سبب پڇيو ته فرمايائون: مون هڪ ڀيري سرڪارِ نامدار صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي هن جاءِ تي وُضو ڪرڻ کان پوءِ مُرڪندي ڏٺو هو۔ (اَيضاً ص۱۳۰حديث۴۱۵ مُلَخّصاً)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

سخت سَردي ۾ به فَرمانِ نَبَوِي تي عَمَل:

      اَميرُالمُؤمِنِين حضرتِ سيدنا عثمانِ غني رَضِیَ اللهُ عَنْه هڪ سرد رات ۾ جڏهن نماز جو ارادو ڪيو، ۽ پنهنجي غلام حضرت حُمران کان وضو جي لاءِ پاڻي