Book Name:Hazrat Usman-e-Ghani Ki Shan

گھريو۔ غلام پاڻي پيش ڪيو ته پاڻ رَضِیَ اللهُ عَنْه ان سان هٿ منهن ڌوئڻ لڳا۔ (وُضو شروع ڪيائون ته) غلام عرض ڪيو: الله پاڪ اوهان کي محفوظ رکي، اوهان وُضو ڪري رهيا آهيو جڏهن ته رات ته گھڻي ٿڌي ((Cold آهي۔ حضرت سيدنا عثمانِ غني رَضِیَ اللهُ عَنْه جواب ارشاد فرمايائون: مون ٻنهي جھان جي تاجور، سلطانِ بحروبر صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کان ٻڌو آهي: جيڪو ٻانهو ڪامل وضو ڪندو آهي الله تعالي ان جا اڳيان پويان گناھ بخشي ڇڏيندو آهي۔ (مسندالبزار،مسند عثمان بن عفان، ج۲، ص۷۵، الحديث: ۴۲۲)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

احاديثِ ڪريمه ۽ شانِ عثمانِ غني

      پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اتباعِ رسول جون وڏيون برڪتون آهن، ڪاش! حضرت عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي صدقي اسان به ڪامل اتباعِ رسول ڪرڻ واريون بڻجي وڃون۔

      پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! عُمومًا ڏٺو ويندو آهي ته هڪ غلام ته پنهنجي آقا جي عنايتن ۽ ان جي مهربانين جي سبب گھڻي تعريف ڪندو رهندو آهي۔ پر ڪمال هي آهي ته جڏهن آقا به پنهنجي غُلام جي خُوبين تي سندس تعريف ڪري، حضرت سَيدُنا عُثمانِ غني رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ جو شُمار به انهن خُوش نصيب صحابهءِ ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان ۾ ٿئي ٿو جن جي حق ۾ حُضُور پر نور صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي مبارڪ لبن ڪيئي ڀيرا تعريف فرمائي، ڪڏهن سندن کي دربارِ رِسالت کان جَنَّت جي خوشخبري عطا ڪئي وئي، ته ڪڏهن مٺي مُصْطَفٰي صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن پنهنجو جَنَّتي رفيق (ساٿي) قَرار ڏنو، ڪڏهن ته سندن کي ڪامل حَيا جي سَنَد عطا فرمائي ته ڪڏهن سندس جي شَفاعت جي ذَرِيعي ماڻهن کي جَنَّت ملڻ جو اعلان فرمايو۔

      حضور نبي ڪريم، رسولِ رحيم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ حضرت غثمانِ غني رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ جي شان ۾ جيڪي ساراھ لائق جملا ارشاد فرمايا۔ اچو انهن مان 5 فرمانِ مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ٻڌون ٿيون:

1۔ ارشاد فرمايائون: ”عُثمان مون مان آهي ۽ مان عُثمان مان آهيان۔(ابن عساڪر،عثمانِ بن عفان، ۳۹/۱۰۲،حديث:۷۸۷۸)