Book Name:Hazrat Usman-e-Ghani Ki Shan

سِيرتِ مُبارَڪه جون ڪجھ جھلڪيون

      صدرالافاضِل حضرتِ علامه مولانا سيد محمد نعيم الدين مرادآبادي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي وِلادت 21 صَفرالمُظَفَّر ۱۳۰۰ بمطابق پهرين جنوري 1883 بروز سومر شريف ”هند“ جي شهر ”مرادآباد“ ۾ ٿي، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو نالو ”محمد نعيم الدين“ رکيو ويو، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جا والد حضرت مولاناسيد محمد معين الدين رَحِمَهمُ اللّٰه الْمُبِين جا ڪيئي فَرزَند قُرانِ پاڪ جا حافظ ٿيڻ کان پوءِ وفات ٿي چڪا هئا، صَدرُ الافاضِلرَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي پيدائش تي سندن والدِ محترم رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه باس باسي ته الله تعالي ان کي زندگي بخشي ته خدمتِ دين جي لاءِ هن پٽ کي وقف ڪندس ۽ انهن ائين ئي ڪيو۔ حضرت صَدرُالاَفَاضِل رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه وڏا مهمان نواز ۽ سخي هئا، تمام وڏا عالم هئڻ جي باوجود عاجزي ۽ انڪساري جا پيڪر هئا، اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي گھڻو ويجھو هئا، اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه پاڻ کي خلافت به عطا ڪئي هئي۔

وقتِ رُخصَت

  حضرت مولانا مفتي سيد غلام مُعِينُ الدِّين نعيمي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو بيان آهي 11:00 بجي جو وقت هو، ڪمري ۾ مون ۽ حضرت جي علاوه ٻيو ڪو نه هو، ٿوري دير مون سان گفتگو ڪيائون، ان کان پوءِ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه خاموش ٿي ويا ڪجھ دير کان بعد فرمايائون منهنجي ٻانهن دٻايو، پوءِ مان ويهي ٻانهن ۽ چيلھ دٻائڻ لڳس، مون ڏٺو ته ڪجھ فرمائي رهيا آهن ۽ چهري تي بيحد پگھر (Sweat) آهي مون رومال سان چهري جو پگھر خشڪ ڪيو پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه نگاھ کڻي مون ڏانهن ڏٺائون، پوءِ آواز سان ڪلمو شريف: لآ اِلٰه اِلَّا اللّٰه مُحَمَّدٌ رَّسُوْلُ اللّٰه۔ پڙھڻ شروع ڪيائون، ڪلمو شريف پڙھندي، 19 ذُوالحجة الحرام ۱۳۶۷ ھ تي هن دُنيا مان لاڏاڻو ڪيائون۔ جامعه نعيميه (مرادآباد هند) جي مسجد جي کاٻي پاسي ۾ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي آخري آرام گاھ آهي۔ حضرت صَدرُالاَفَاضِل رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي باري ۾ مزيد معلومات حاصل ڪرڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جو رسالو ”تذڪرهءِ صدرالافاضل“ هديو ڏئي حاصل ڪريو ۽ مطالعو فرمايو۔

   هن ئي مهيني ذوالحجه جي 14 تاريخ تي شيخِ طريقت، اَمِيرِ اهلسنّت دَامَتْ بَرَکَاتُهمُ الْعَالِيۡه جي والدِ گرامي حاجي عبدالرحمٰن قادري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو به ڏهاڙو آهي۔ انهن