Book Name:Hazrat Usman-e-Ghani Ki Shan
واپس تشريف کڻي ايندا هئا ته چانهه تيار ٿي ويندي هئي. پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه اوطاق ۾ ويهي رهندا هئا ۽ ڏسندي ئي ڏسندي عقيدتمندن جو وڏو ميڙ جمع ٿي ويندو هو، عام طور تي پنجاهه کان ٻه سؤ ماڻهن تائين جو ميڙ هوندو هو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته اچڻ وارن جو ايڏو ميڙ هوندو هو جو اوطاق ۽ ٻاهرين اڱڻ ٻنهي ۾ بلڪل جڳهه نه بچندي هئي، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي ويهندي ئي خادم چانهه سان ڀريل هڪ ڪوپ ساسر ۾ لڳائي ڪري چانهه جي پيالي تي هڪ بسڪيٽ رکي ڪري سندن خدمت ۾ پيش ڪندا هئا، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه اها پيالي پنهنجي مبارڪ هٿن سان کڻي پنهنجي ساڄي پاسي ويهڻ وارن کي ڏئي ڇڏيندا هئا، اهڙيءَ ريت چار ڇهه پياليون پاڻ ورهائيندا هئا. باقي رهيل پوري مجمعي ۾ خـادم اهڙيءَ ريت هڪ هڪ بسڪيٽ ۽ هڪ هڪ چانهه جي پيالي ورهائيندا هئا، هڪ پيالي چانهه ۽ هڪ بسڪيٽ پاڻ به کائيندا هئا. ڄڻ ته هي سندن صبح جو ناشتو هوندو هو.
حضرت مولانا سيّد منظور احمد صاحب رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه وڏي يقين سان فرمائن ٿا، حاضرين ٿورا هجن يا گهڻا مون اها ڳالهه خاص طور تي نوٽ ڪئي ته اها ئي هڪ ڀيري جي بڻايل چانهه روزانو اچڻ وارن تمام ماڻهن جي لاءِ ڪافي هوندي هئي. ڪڏهن ائين نه ٿيو ته حاضرين جو تعداد گهڻو ٿي ويو هجي ۽ وڌيڪ انتظام ڪرڻ جي ضرورت محسوس ٿي هجي. حضرت مولانا سيّد منظور احمد صاحب رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جو مٿي ذڪر ڪيل بيان هن ڳالهه جي طرف واضح اشارو ڏئي رهيو آهي ته اها حضرت صدر الافاضل رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي معمولات وارن ڪرامتن مان هڪ انتهائي ڪريماڻي ڪرامت آهي۔ (تاريخِ اسلام ڪي عظيم شخصيت صدر الافاضل، ص ۳۳۳تا۳۳۴، ملخصاً،از فيضانِ سنت، ص۳۹۸)
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب! صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد
پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! ٻڌو اوهان، حضرت صدرالافاضل رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي هٿن جي برڪت ۽ ڪرامت هئي جو هڪ ڀيري جي ٺهيل چانھ تمام ماڻهن کي ڪفايت ڪندي هئي۔ سندن يومِ عرس به هن ئي مهيني ۾ آهي۔ اچو! پاڻ رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه جي سيرت جي باري ۾ مزيد ڪجھ مدني گل ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪريون ٿيون۔