Book Name:Hazrat Usman-e-Ghani Ki Shan

کي به خوب خوب ايصالِ ثواب ڪريو، الله پاڪ اسان جي تمام بزرگانِ دين تي رحمت فرمائي ۽ انهن جي صدقي اسان جي بي حساب مغفرت فرمائي۔

 اٰمِين بِجَاه النَّبِي الْاَمِين صَلَّي الله عَلَيه وَاٰلِهٖ وَسَلَّم 

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! بيان کي ختم ڪندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ سنّتون ۽ آداب بيان ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪيان ٿي، تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان جنّت نشان آهي: جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو. (مشکاۃ الصابیح،کتاب الایمان،باب الاعتصام بالکتاب والسنۃ،۱/۹۷،حدیث:۱۷۵)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

مسواڪ جون سنتون ۽ آداب

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اچو! شيخِ طريقت، اميرِ اهلسُنَّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـه جي رِسالي ”163 مَدَني گل“ مان مِسواڪ بابت مدني گل ٻڌون ٿيون۔ پهرين ٻه فرمان مصطفيٰ صَلَّى اللهُ تَعَالٰى عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم ملاحظه فرمايو: ٭ ٻه رڪعتون مسواڪ (يعني ڏندڻ) ڪري پڙهڻ بغير مِسواڪ جي 70 رڪعتن کان افضل آهن. (الترغیب والترہیب ،۱/۱۰۲ ،حدیث:۱۸) ٭ مِسواڪ جو استعمال پاڻ تي لازم ڪري ڇڏيو ڇو ته هي وات جي صفائي ۽ ربّ تعاليٰ جي رضا جو سبب آهي. (مسند احمد ،مسند عبد اللہ بن عمر، ۲ /۴۳۸،حدیث:۵۸۶۹)  ٭ حضرت سيدنا ابن عباس رَضِىَ اللهُ تَعَالٰی عَنْهُ کان روايت آهي ته مسواڪ ۾ ڏهه خوبيون آهن: وات کي صاف ڪري ٿو، مسوڙن کي مضبوط ڪري ٿو، نظر تيز ڪري ٿو، بلغم ختم ڪري ٿو، وات جي ڌپ ختم ڪري ٿو، سنت جي موافق آهي، فرشتا خوش ٿين ٿا، ربّ عَزَّوَجَلَّ راضي ٿئي ٿو ٭ حضرت سيدنا امام شافعي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه فرمائن ٿا: چار شيون عقل وڌائينديون آهن: فضول ڳالهين کان پرهيز، مسواڪ جو استعمال، نيڪ ماڻهن جي صحبت، پنهنجي علم تي عمل ڪرڻ. (حياة