Hazrat Usman-e-Ghani Ki Shan

Book Name:Hazrat Usman-e-Ghani Ki Shan

نيڪي جي دعوت ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪري سگھون ٿيون۔ اسان درس ۽ بيان ڪرڻ ٻڌڻ جي سعادت کان به ان ڪري محروم رهون ٿيون ته وقت نٿو ملي، اسان پنهنجي عملن جو جائزو ۽ ان تي غور ۽ فِڪر به نٿيون ڪري سگھون جو وقت نٿو ملي، اسان هفتيوار اجتماعات ۾ به نٿيون اچون جو وقت نٿو ملي، افسوس! هڪ تعداد ته مَعَاذَالله (الله پاڪ جي پناهه) فرض نمازون به ان ڪري قضا ڪندي آهي ته وقت نٿو ملي، هڪ تعداد فرض علوم به ان ڪري نٿو سکي سگھي ته وقت نٿو ملي، هڪ تعداد دِين جي ضروري مسئلن کان به ان ڪري آگاھ ناهي ته وقت نٿو ملي، هڪ تعداد دين جي بنيادي ۽ ضروري معلومات کان ان ڪري پري آهي ته وقت نٿو ملي، هڪ تعداد علمِ دِين ان ڪري نٿو سکي ته ته وقت نٿو ملي،اَلْغَرَض! دِين سکڻ، آخرت سنوارڻ ۽ آخرت جي بهتري جي لاءِ ڪو ڪم ڪرڻ جي ڳالھ ڪئي وڃي ته هڪ تعداد آهي جو اهو چوندي نظر ايندو آهي ته وقت نٿو ملي۔

ياد رهي! دِين جي لازم عِلمن ۽ لازم عبادتن جي لاءِ وقت ڪڍڻ ۽ عبادت هن انداز سان ڪرڻ جو جنهن انداز سان ادا ڪرڻ جو حڪم آهي، اسان جي شرعي ذمه داري آهي، بلڪ جيڪا جنهن پيشي يا معاملي سان تعلق رکي ٿي، ان جا ضروري مسئلا سکڻ ۽ ان جي لاءِ وقت ڪڍڻ، اُن اسلامي ڀيڻ جي لاءِ لازم آهي، افسوس! دِين جا ضروري مسئلا سکڻ جي لاءِ اسان وٽ وقت ناهي، ها! دنياوي معاملن جي لاءِ وقت ئي وقت آهي، ڪلاڪن جا ڪلاڪ اخبارن جو مطالعو ڪرڻ ۽ خبرون (News) ڏسڻ، ٻڌڻ ۾ گذري ويندا آهن، پر پرواھ ناهي هوندي، بعض اسلامي ڀينرون موبائل ۽ انٽرنيٽ استعمال ڪرڻ ۾ ايتري قدر مگن ٿي وينديون آهن جو وقت جي خبر ناهي پوندي ۽ انهن کي پرواھ به ناهي هوندي۔ هڪ تعداد آهي جيڪا فرضن ۽ واجبن جي ادائيگي، نفل عبادتن جي بجا آوري، ۽ تلاوتِ قرآن ڪرڻ جي حوالي سان اِنتهائي غفلت ۽ سُستي جو شڪار نظر آهي۔

ڪاش! اسان دُنيا ۾ اچڻ جو مقصد سمجھون، ڪاش! نزع جي سختين کي ياد ڪريون، ڪاش! اسان قبر جي تنهائي، گھٻراهٽ کي ياد ڪريون، ڪاش! قيامت جو 50 هزار سالن جو ڏينهن اسان کي ياد رهي ها، ڪاش! بارگاههِ اِلٰهي ۾ پيش ٿيڻ اسان کي ياد رهي ها۔