Book Name:Hazrat Usman-e-Ghani Ki Shan
جو انهن کي محبوب آقا، مڪي مدني مصطفيٰ، حبيبِ ڪبريا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ذات کان وڌيڪ کا شيء عزيز نه هئي۔
خود قرآنِ پاڪ ۾ الله پاڪ نبي پاڪ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي تعظيم جو حڪم ڏنو آهي، جيئن
سيپاري 26 سُوْرَة الْفَتْح جي آيت نمبر 9 ۾ ارشادِ باري آهي :
لِّتُؤْمِنُوْا بِاللّٰهِ وَ رَسُوْلِهٖ وَ تُعَزِّرُوْهُ وَ تُوَقِّرُوْهُؕ-وَ تُسَبِّحُوْهُ بُكْرَةً وَّ اَصِیْلًا(۹)
تَرجمَوڪنز الايمان: ته جيئن اي انسانو توهان الله ۽ ان جي رسول تي ايمان آڻيو ۽ رسول جي تعظيم ۽ احترام ڪريو، صبح ۽ شام الله جي پاڪائي بيان ڪريو۔
بيان ڪيل آيت تحت تفسير صِرَاطُ الجِنَان ۾ آهي: هن آيت مان معلوم ٿيو! الله ڪريم جي بارگاھ ۾ حضور پُرنور صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي تعظيم ۽ توقير انتهائي مطلوب ۽ بي انتها اَهميت لائق آهي ڇوته هتي الله پاڪ پنهنجي تسبيح (پاڪي بيان ڪرڻ) تي پنهنجي حبيب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي تعظيم ۽ عزت کي مُقَدَّم فرمايو آهي ۽ جيڪي ماڻهو ايمان آڻڻ کان پوءِ پاڻ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي تعظيم ڪن ٿا انهن جي ڪامياب ۽ بامُراد ٿيڻ جو اعلان ڪندي الله (ڪريم) ارشاد فرمائي ٿو:
فَالَّذِیْنَ اٰمَنُوْا بِهٖ وَ عَزَّرُوْهُ وَ نَصَرُوْهُ وَ اتَّبَعُوا النُّوْرَ الَّذِیْۤ اُنْزِلَ مَعَهٗۤۙ-اُولٰٓىٕكَ هُمُ الْمُفْلِحُوْنَ۠(۱۵۷) (پ۹،الاعراف:۱۵۷)
تَرجَمَو ڪنز الايمان: پوءِ جيڪي ان تي ايمان آڻين ۽ سند تعظيم ڪن ۽ ان جي مدد ڪن ۽ ان نُور جي پيروي ڪن جيڪو ان سان گڏ نازل ٿيو اُهي ئي با مُراد آهن۔
(تفسيرصراط الجنان، پ۲۶، الفتح ، تحت الآية: ۹،۹/۳۴۷)
هن حڪايت مان اهو به معلوم ٿيو! صحابَه ڪرام عَلَيهمُ الرِّضْوَان اُمّت کي تعظيمِ مُصطَفٰي جا طريقا بيان ڪرڻ وارا آهن، بلڪ قيامت تائين تعظيمِ مُصطَفٰي جا جيڪي به طريقا هوندا ۽ شريعت کان نه ٽڪرائيندا هجن، اهي