Book Name:Hazrat Usman-e-Ghani Ki Shan

٭ ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندَس، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندَس ٭ صَـلُّـوا عَلَي الحَبِيـب! اُذکُرُالله , تُوبُوا اِلَـي الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ واريءَ جي دِل جوئي جي لاءِ آهسته آواز سان جواب ڏيندَس ٭ بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندَس۔دوران بيان موبائل جي غيرضروري استعمال کان بچندَس،نه بيان ريڪارڊ ڪندَس نه ئي ٻئي ڪنهن قسم جو آواز ڇو ته ان جي اجازت ناهي،جيڪو ڪجهه ٻُدَندَس،ان کي ٻڌي ۽ سمجهي ڪري ان تي عمل ڪرڻ ۽ ان کي بعد ۾ ٻين تائين پهچائي نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪندَس.

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                                      صَلَّي اللّٰه تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

      پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! ذُوالحِجَّة الحرام جو مهينو اسان جي وچ ۾ پنهنجي رحمتن ۽ برڪتن واري برسات وسائي رهيو آهي، هن مهيني جي 18 تاريخ جو ٽئين خليفهءِ راشد، رسولِ ڪريم، محبوبِ ربِّ عظيم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي هڪ کان پوءِ ٻي شهزادي سان نڪاح جو شرف ماڻڻ واري، تمام گھڻي سخاوت فرمائڻ واري، صبر ۽ شفقت فرمائڻ واري، تمام گھڻو شرم ۽ حيا ڪرڻ ۽ غريبن سان گھڻي مَحَبَّت ڪرڻ واري، الله پاڪ ۽ ان جي رسول عَلَيه السَّلَام جي پياري اَمِيرُالمؤمنين حَضرتِ سَيدُنا عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه جو يومِ شهادت آهي ۽ عَنقريب اهو ڏينهن اچڻ وارو آهي، انهيء مناسبت سان اڄ اسان سندن سيرت ۽ ڪردار بابت پاڻ رَضِىَ اللهُ عَنۡه جو تذڪرهءِ خير ٻڌڻ جي سعادت حاصل ڪنديون سين، پهريان اَمِيرُالمؤمنين حَضرتِ سَيدُنا عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي عشقِ رسول تي هڪ حڪايت ٻڌنديون سين۔ ان سان گڏوگڏ اَمِيرُالمؤمنين حَضرت سَيدُنا عثمانِ غني رَضِىَ اللهُ عَنۡه جون دِيني خدمتون ۽ سندن فضيلت تي حديث سڳوريون به ٻڌنديون سين۔ سندن عشقِ رسول بابت ايمان افروز معلومات حاصل ڪنديون سين۔

      صدر الافاضل حضرت مولانا سيد نعيمُ الدّين مرادآبادي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ۽ اَمِيرِ اهلسنّت حضرتِ علّامه مَولانا محمد الياس عطّار قادِري دَامَتْ بَرَکَاتُهمُ الْعَالِيۡه جي والدِ گرامي حاجي عبدالرحمٰن قادري رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو ڏهاڙو آهي، آخر ۾ ان مناسبت سان انهن جي سيرتِ مبارڪه جي باري ۾ به ڪجھ مدني گل ٻڌڻ جي سعادت