Book Name:Aala Hazrat Ka Ilm-o-Amal

صلاحيت جو هڪ خوبصورت واقعو ٻڌون ٿيون،

بارگاھِ رسول جو عطيو

هڪ ڀيري اعليٰ حضرت جي خليفي، حضرت علامه مولانا الحاج شاھ محمد هدايت رسول رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه ۽ ٻيا عالم سڳورا اعليٰ حضرت امام احمد رضا خانرَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي بارگاھ ۾ حاضر هئا، دنيا جي مشينن جي ايجاد جو تذڪرو ٿي رهيو هو، ان تي اعليٰ حضرت امام احمد رضا خانرَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه ارشاد فرمايائون: الله (پاڪ) جي فضل سان بارگاھِ مُصطَفٰي مان مون کي اهڙي مشين عطا ٿي آهي، جنهن ۾ ڪنهن به عِلم جو سُوال چاهي ڪنهن به زبان ۾ هجي وجھو، ڪجھ منٽن کان پوءِ ان جو صحيح جواب حاصل ڪري وٺو۔ مولانا هدايت رسول صاحب رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه عرض ڪيو: حضور! اها مشين (Machine) مون کي به ڏيکاريو۔ پوءِ امام اهلسنّت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه ارشاد فرمايائون: ڪنهن ٻي موقعي تي ڏسي وٺجو پر اهي امام اهلسنت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي پيرن تي ڪري پيا ۽ روئڻهارڪا ٿي چيائون ته حضور! اسان ته هن مشين کي هينئر ئي ڏسنداسين۔ ته پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه  پنهنجي ڳلي جا بٽن کولي ڇڏيا ۽ پنهنجي مبارڪ سيني جي زيارت ڪرائي پوءِ ارشاد فرمايائون: هي اها مشين آهي، جنهن جي باري ۾، مون ڳالھ ڪئي هئي، شاھ هدايت رسول صاحب اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي مبارڪ سيني کي چُمندي فرمايائون: صَدَقْتَ يا وَارِثَ عُلُوْمِ رَسُوْلِ الله وَ يا نَائِبَ رَسُوْلِ الله يعني اي رسولِ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي علوم جا وارث ۽ اُنهن جا نائب! اوهان سچ فرمايو۔            (تجلياتِ امام احمد رضا،ص۷۸ ملخصاً) .

عِلْم کا چشْمہ ہوا ہےمَوجزَن تحریر میں              جب قَلم تُو نے اُٹھایا اے اِمام احمد رضا

تُو نے باطل کو مٹا کر دِین کو بخشی جِلا                سُنّتوں کو پھر جِلایا اے اِمام احمد رضا