Book Name:Aala Hazrat Ka Ilm-o-Amal

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! ڪڏهن ڪڏهن جنهن وٽ جيترو علم هوندو آهي، ان علم جي مطابق ان جو عمل يا ته بلڪل ئي ناهي هوندو يا ان علم جي لحاظ کان ڪجھ گھٽ ٿيندو آهي، پر قربان وڃجي اعلي حضرت امام اهلسنّت جي شان تان جو جتي پاڻ علم جا سمنڊ هئا، اتي عملي ميدان ۾ به پنهنجو مٽ پاڻ هئا، سندن سيرت جو مطالعو ڪرڻ کان پوءِ اها ڳالھ بلڪل واضح ٿي ويندي آهي ته پاڻرَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي ننڍپڻ کان وٺي وصال تائين سڄي زندگي شريعت ۽ سنَّت، عبادت ۽ رِياضت، تقويٰ ۽ پرهيزگاري ۽ خوفِ خُدا ۽ عشقِ مصطفيٰ ۾ گذري آهي۔ پاڻ ننڍپڻ ئي کان عبادت ۽ رِياضت کي پنهنجي زندگي(Life) جو حصو بڻائي ورتو هو، اهو سبب آهي جو گھر ۾ هجن يا گھر کان ٻاهر، ماڻهن ۾ هجن يا اڪيلا بلڪ سخت بيماري جي عالَم ۾ به ڪڏهن عبادت ۾ ڪوتاهي نه ڪيائون، جيئن ته

سخت بيماري ۾ به روزو

اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه خود فرمائن ٿا: ”هڪ سال رمضان المبارڪ کان ٿورو عرصو پهريان والد مرحوم حضرت رئيس المُتَڪَلّمِين سيّدُنا و مولانا نقي علي خان رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه خواب ۾ تشريف کڻي آيا ۽ فرمايائون: پٽ! ايندڙ رمضان المبارڪ ۾ توهان سخت بيمار ٿي پوندؤ، پر خيال رکجو ڪو روزو قضا نه ٿيڻ گهرجي۔ واقعي پنهنجي والد صاحب جي ارشاد موجب رمضان المبارڪ ۾ آءُ ســخت بيمار ٿي پيس۔ پر ڪو روزو نه ڇڏيم۔ اَلحَمدُلله! روزن جي ئي برڪت سان الله عَزَّوَجَلَّ مون کي صحت عطا فرمائي ۽ صحت ڇو نه ملي ها جو رحمتِ عالم،نُورِ مُجَسَّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن جو ارشادِ پاڪ به ته آهي: ” صُوۡمُوْا تَصِحُّوا يعني روزو رکو صحتياب ٿي ويندؤ.“ (دُرِّمَنثور ج۱ص۴۴۰)(ملفوظات،حصہ دوم، ص۲۰۶)  ۽ جڏهن 1339ھجري جو رَمَضان مئي،جون1921 ۾ آيو ۽ مسلسل بيماري ۽ تمام گھڻي ڪمزوري (Weakness) جي سبب اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه پنهنجي اندر هن سال جي