Book Name:Aala Hazrat Ka Ilm-o-Amal

گرمي جي موسم ۾ روزو رکڻ جي طاقت نه ڏٺي ته پنهنجي حق ۾ فتويٰ ڏني ته جبل تي سردي ٿيندي آهي، اتي روزو رکڻ ممڪن آهي، تنهنڪري روزو رکڻ جي لاءِ اتي وڃڻ اِستِطاعت جي ڪري فرض ٿي ويو۔ پوءِ پاڻ روزو رکڻ جي اِرادي سان ڪوھ ڀوالي ضلعو نيني تال(رياست اتراکنڊ، هند) تشريف کڻي ويا۔          (تجليات امام احمد رضا ،ص ۱۳۳)

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون!  ٻڌو اوهان! اسان جا اعليٰ حضرت فرائض جا ڪيترا پابند هئا جو سخت بيماري جي عالَم ۾ به روزو نه ڇڏيائون۔ ياد رهي! جهڙي طرح اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه ننڍپڻ کان ئي روزا رکڻ شروع ڪيائون ۽ سڄي زندگي ڪو روزو نه ڇڏيائون ايستائين جو رَمَضانُ المبارَڪ جا روزا رکڻ جي لاءِ جبل تي به تشريف کڻي ويا، اهو ئي حال سندن جي نماز جو به هو جو ننڍپڻ کان نماز جو اهڙو اِهتِمام ڪندا هئا جو سڄي زندگي ايستائين جو سخت بيماريءَ ۾ به ڪا نماز نه ڇڏيائون۔ پاڻ نهايت ئي خشوع ۽ خضوع سان نماز ادا ڪندا هئا۔ سندن جي نماز جو حال بيان ڪندي مولانا محمد حسين چشتي مِيرٺيرَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه   فرمائن ٿا:

 اعلي حضرت ۽ نماز

اعليٰ حضرت، امام اهلسنت مولانا شاھ امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جيتري قَدَر اِطمينان، سُڪون ۽ مَسئلن جي رِعايت سان نماز پڙھندا هئا ان جو مِثال ملڻ مشڪل آهي۔ هميشه منهنجون ٻه رَڪعت ٿينديون هيون ته سندن جي هڪ، جڏهن ته منهنجون چار رَڪعتون ٻين ماڻهن جي 6 ۽ 8 رَڪعتن جي برابر هونديون هيون ۽ نماز جو ايتري قدر شوق ۽ جماعت جو ايترو خيال ڪندا هئا جو ڪڏهن ڪڏهن ته بيماري جي ڪري اٿڻ، ويهڻ، هلڻ ڦرڻ نِهايت ڏکيو ٿي ويندو هو پر جڏهن نماز جو وقت ايندو هو ته بنا ڪنهن سَهاري (Support) جي پاڻ ئي مسجد تشريف وٺي ويندا هئا ۽ ائين لڳندو هو جو پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه