Book Name:Aala Hazrat Ka Ilm-o-Amal

پنهنجي مصروف زِندگي مان ڪجھ وقت ڪڍي قرآنِ پاڪ جي تِلاوت سان گڏ وگڏ  ” ترجمهءِ قرآن ڪنزالايمان “ جي مطالعي ڪرڻ جي عادت بڻايون  

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                   صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمّد

      پياريون پياريون اسلامي ڀينرون!  اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي دِيني خدمتون ايتري قدر قابل ِ رشڪ آهن جو جنهن تي عوام ته عوام عالمن جا عقل به حيران آهن۔ اچو! اعليٰ حضرت جي علمي ۽ عملي زندگي جو مختصر خاڪو ملاحظه ڪريو،

اعليٰ حضرت جي علمي ۽ عملي زندگي جون ڪجھ جھلڪيون

٭اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي ولادتِ باسعادت 10شوَّالُ المُڪرَّم ڇنڇر جي ڏينهن ٿي ۔٭اعليٰ حضرترَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه تقريباً 4 سالن جي عمر ۾ ناظره قرآنِ پاڪ ختم ڪري ورتائون ۽ انهيء عمر ۾ فصيح (يعني خالص) عربي زبان ۾ گفتگو فرمائي۔٭ اعليٰ حضرترَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه تقريباً ڇهن سالن جي عمر ۾ پهريون بيان فرمايو۔ ٭ اعليٰ حضرترَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه تقريباً ستن سالن جي عمر ۾ رمضان المبارڪ جا روزا رکڻ شروع ڪيا۔ ٭ اعليٰ حضرترَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه تقريباَ  اٺن سالن جي عمر ۾ وراثت جي مسئلي جو شاندار جواب لکيائون۔ ٭ اعليٰ حضرترَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه تقريباً اٺن سالن ئي جي عمر ۾ نَحۡو جو مشهور ڪتاب هدَايۃُالنَّحْوپڙھي ورتو ۽ ان جي عربي شرح به لکيائون۔ ٭ اعليٰ حضرترَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه تيرهن سال چار مهينا ۽ 10 ڏينهن جي عمر ۾ علومِ درسيه کان فراغت ماڻي، دستارِ فضيلت ٿي، انهيء ڏينهن فتويٰ لکڻ جو باقاعده آغاز ڪيائون ۽ درس ۽ تدريس جي به شروعات ڪيائون۔ ٭ اعليٰ حضرترَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي تقريباً اڻيھ سالن جي عمر ۾ سنّتِ نڪاح ادا ٿي ۽ ازدواجي زندگي جي شروعات ٿي۔ ٭ اعليٰ حضرترَحْمَةُ اللّٰهِ