Book Name:Aala Hazrat Ka Ilm-o-Amal

عِلم و عِرفاں کا جو کہ ساگَر تھا                                خَیْر سے حافِظہ قوی تر تھا

حق پہ مبنی تھا جس کا ہر فتویٰ                                واہ کیا بات اعلیٰ حضرت کی

(وسائلِ بخشش، ص۵۷۵)

   اچو! هاڻي ”فتاويٰ رضويه“ جي ڪجھ خصُوصِيتن جي باري ۾ ٻڌون ٿيون:

فتاويٰ رَضَوِيه جون خصوصِيتون

٭ فتاويٰ رضويه ۾ علمِ حديث ۽ علمِ فقه جي ڪتابن جو ڀرپُور عِلم موجود آهي٭ فتاويٰ رضويه ۾ اڻ لڀ ۽ ناياب حوالن جو به جڳھ جڳھ تي ذِڪر ڪيو ويو آهي ٭فتاويٰ رضويه ۾ قرآن ۽ حديث جي روشني ۾ سوين موضوعن تي هزارين مسئلن جو حل عطا فرمايو ويو آهي ٭ .فتاويٰ رضويه ۾ فنِّ رِياضي ۽ علمِ تَوقِيت سان گڏوگڏ علمِ ميراث جي باري ۾ به اڻ لڀ ۽ ناياب تحقيق موجود آهي٭ فتاويٰ رضويه ۾ ٻين (فقهي) مذهبن جي قوانين ۽ جُزئيات جو علم به شامل آهي ٭ فتاويٰ رضويه ۾ هر مسئلي ۾ قرآن ۽ سُنَّت جي پيروي جو اِهتمام ڪيو ويو آهي ٭ فتاويٰ رضويه ۾ بِدعتن ۽ مُنڪرات جو ايمان افروز رَدّ ڪيو ويو آهي٭ فتاويٰ رضويه جي سڀ کان وڏي خاصيت اها آهي ته وڏن وڏن مُفتين سڳورن کي فقهي مسئلن جي مُعاملي ۾ وقت به  وقت فتاويٰ رضويه جي ضرورت پوندي آهي، ڪيترائي مفتي سڳورا فتويٰ ڏيڻ جي معاملي ۾ خاص طور تي فتاويٰ رَضويه کان مدد وٺندا آهن ۽ اِنْ شَــآءَالـلّٰـه آئنده به وٺندا رهندا۔       (آئينهٔ رضويات،حصه۲، ص۲۲۸)

حشر تک جاری رہے گا فیض مُرشِد آپ کا                    فیض کا دریا بہایا اے امام احمد رضا