Book Name:Aala Hazrat Ka Ilm-o-Amal

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! ٻڌو اوهان ته! اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه دِين جي خدمت جي حوالي سان ڪيتري قدر حساس هئا جو ايترين مَصروفيتن جي باوُجُود به اُمَّت جي آساني جي لاءِ نهايت عُمده ۽ بهترين قرآن جو ترجمو "ڪنزالايمان" کي لکائي ڇڏيو، جنهن کي عالمن سڳورن رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡهم اَجْمَعِين بالڪل شريعت جي مُوافق ڏٺو۔ اچو! هاڻي اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي انهيءَ ترجمَه قرآن "ڪنز ُالايمان" جون ڪجھ خُصُوصِيتون به ٻڌون ٿيون، جيئن

قرآن جي ترجمي ڪنزُالايمان جون خُصُوصيتون

      ٭ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه پاڪ ۽ هند جا اهي عَظيم تَرِين مُتَرجِم (ترجمو ڪرڻ وارا) آهن جنهن قرآنِ ڪريم جو اهڙو ترجمو پيش ڪيو آهي، جنهن ۾ قرآن جي رُوح جي حقيقي جھلڪ مَوجُود آهي، حيرت ۽ تعجب جي ڳالھ اها آهي جو لفظي ترجمو هئڻ سان گڏوگڏ بامُحاوَره به آهي ۽ اها سندن جي تَرجَمي جي نهايت وڏي خُوبي آهي۔

٭ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه تَرجَمو ڪرائيندي وقت هن ڳالھ جو خاص خيال رکيو آهي ته ترجمو لُغَت جي مطابق هجي ۽ الفاظ جي مختلف مَعنائن مان اهڙِين معنائن کي چونڊيو وڃي جيڪا پهرين ۽ بعد واري آيت جي تعلُّق کي قائم رکي سگھي۔

٭ ان ترجمي مان قرآني حقيقتون، عِلم ۽ مَعارِف جا اهي لڪيل راز ظاهر ٿين ٿا جيڪي عام طور تي ٻين ترجمن سان واضح نٿا ٿين۔

 ٭ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي ترجمي جي هڪ نُمايان  خصُوصيت هي به آهي ته پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه هر مُبارڪ مقام تي انبياءِ ڪرام عَلَيهمُ الصَّلٰوۃُ وَالسَّلَام جي ادب ۽ اِحترام، عزّت ۽ پاڪدامني جو خاص طور لحاظ رکيو آهي۔ (فيضانِ اعليٰ حضرت،ص ۴۷۶)