Book Name:Aala Hazrat Ka Ilm-o-Amal

چڱي طرح صِحت ياب آهن۔  (انوارِ رضا ،ص ۲۵۸)

 

 هڪ ڀيري تمام گهڻو بيمار ٿي پيا، طبيعت ايتري خراب ٿي وئي جو وصيت نامو به سندن لکرائي ڇڏيو، تڏهن به نماز سان محبت جو حال اهو جو چار ماڻهو ڪرسي تي ويهاري مسجد کڻي ويندا هئا ۽ وري واپس آڻيندا هئا، پر سڀ نمازون مسجد ۾ ئي پڙهندا هئا.     (فتاویٰ رضویہ،۹/۵۴۷)

گھلجندي جماعت جي لاءِ حاضر ٿيا

حافظِ ملت عبدالعزيز مراد آبادي رَحْمَةُ اللهِ تَعَالٰی عَلَيْه اعليٰ حضرت جي انهيء بيماري جو حال بيان ڪيو آهي ته ”هڪ ڀيري مسجد وٺي وڃڻ وارو ڪو نه هو، جماعت جو وقت ٿي ويو۔ طبيعت پريشان، لاچار پاڻ ئي ڪنهن نموني گھلجندا حاضر ٿيا ۽ باجماعت نماز ادا ڪيائون۔   (عورتيں ۽ مزارات ڪي حاضري،ص ۱۸)

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون!  ٻڌو اوهان! اعليٰ حضرترَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه کي  نماز سان ڪيتري مَحَبَّت هئي جو سخت بيماري ۾ به نماز ادا ڪندا رهيا، اسان کي به گهرجي ته نماز سان محبت ڪريون ۽ گهر ۾ ان جي پابندي ڪريون ۽ نماز جي معاملي ۾ هر قسم جي سستي کان بچون.

                                                                                  صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                         صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمّد

حديثِ پاڪ جي باري ۾ مَدَني گل

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون!  بَيان کي اِختِتام ڏانهن آڻيندي حديثِ پاڪ جي باري ۾ ڪجھ مَدَني گل ٻڌڻ جي سعادت حاصِل ڪريون ٿيون۔ پهريان 2 فرمانِ مُصطَفٰي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ مُلاحَظَه ڪريو: (1) فرمايائون: جيڪو شخص ديني معامَلات جي باري ۾ چاليس (40) حديثون ياد ڪري منهنجي اُمّت تائين پهچائيندو الله پاڪ (قِيامت جي ڏينهن) ان کي هن شان سان اٿاريندو جو اهو