Book Name:Aala Hazrat Ka Ilm-o-Amal

بيان ٻڌڻ جون نِيَّتون

٭ نگاهون جھڪائي پوري توجھ سان بيان ٻڌندَس ٭ ٽيڪ لڳائي ويهڻ بدران علمِ دين جي تعظيم خاطر جيترو ٿي سگهيو ٻئي گوڏا وڇائي ويهندَس ٭ ضرورت پوڻ تي ٻين اسلامي ڀينرن جي لاءِ سِرڪي جاءِ ڪشاده ڪندَس ٭ ڌِڪو وغيره لڳو ته صبر ڪندَس، گھوري ڏسڻ ۽ اَٽڪڻ کان بچندَس ٭ صَـلُّـوا عَلَي الحَبِيـب! اُذکُرُالله , تُوبُوا اِلَـي الله! وغيره ٻڌي ثواب ڪمائڻ ۽ صدا لڳائڻ واريءَ جي دِل جوئي جي لاءِ آهسته آواز سان جواب ڏيندَس ٭ بيان کان پوءِ پاڻ اڳتي وڌي سلام، مصافحو ۽ انفرادي ڪوشش ڪندَس۔ دوران بيان موبائل جي غير ضروري استعمال کان بچندَس، نه بيان ريڪارڊ ڪندَس نه ئي ٻئي ڪنهن قسم جو آواز ڇو ته ان جي اجازت ناهي،جيڪو ڪجهه ٻُدَندَس،ان کي ٻڌي ۽ سمجهي ڪري ان تي عمل ڪرڻ ۽ ان کي بعد ۾ ٻين تائين پهچائي نيڪي جي دعوت عام ڪرڻ جي سعادت حاصل ڪندَس.

 صَلُّو ْا عَلَي الْحَبِيب!                                 صَلَّي الله تَعَالٰي عَلٰي مُحَمَّد

پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! اَلْحَمْدُلِلّٰه شَوَّالُ المُڪرَّم جو مبارڪ مهينو اسان جي وچ ۾ جلوه گر آهي۔ هي اهو عظيمُ الشَّان مهينو آهي جنهن جي 10 تاريخ تي هر سال عاشقن جي امام، اعليٰ حضرت، امامِ اهلسنت مولانا شاھ امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي پيدائش جو ڏهاڙو سڄي دنيا ۾ وڏي شان ۽ شوڪت سان ملهايو ويندو آهي۔ اچو! انهيء مناسبت سان اڄ اسان به سندن جي علمي مقام، ۽ سندن جي علمي خدمتن، فتاويٰ رضويه ۽ ڪنزُالايمان جو مختصر تعارف ۽ سندن جي عملي زندگي جي ڪجھ پهلوئن مان اسان به برڪتون وٺڻ جون سعادتون حاصل ڪنديوسين، اچو! پهريان سندن جي علمي