Book Name:Aala Hazrat Ka Ilm-o-Amal

عَلَيۡه بيمار ٿي پيا ۽ پاڻ لکڻ کان طبيب (ڊاڪٽر) منع ڪري ڇڏيو هو ته هاڻي جيڪا فتويٰ لکڻي هوندي هئي ان جو ڪجھ مضمون لکرائي مون کي فرمائيندا هئا: ”الماڙيءَ مان فُلاڻو جلد ڪڍي اچ“ اڪثر ڪتاب مصري ڇاپي جا ڪيئي ڪيئي جلدن ۾ هئا، پوءِ مون کي فرمائيندا هئا: ”ايترا صفحا اٿلايو ۽ فُلاڻي صفحي تي هيترين سٽِن کان پوءِ اهو مضمون شروع ٿيندو، ان کي هتي نقل ڪري ڇڏيو“۔ مان ڏسي ڪري پورو مضمون لکندو هئس ۽ ڏاڍي حيرت ٿيندي هئي ته سندن رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه  کي اهو ڪڏهن وقت مليو جو جنهن ۾ صفحو ۽ سٽ ڳڻي ورتائون، مطلب اهو ته سندن جو حافظو ۽ دماغي ڳالهيون اسان جي سمجھ کان ٻاهر هيون۔                                              (حيات ِ اعليٰ حضرت از مولانا ظفر الدين بهاري ،۱/ ۱۰۳مڪتبه نبويه)

3) اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه پنهنجي والدِ ماجِد رئيسُ المُتَڪلِّمِين حضرت علامه مولانا مفتي نقي علي خان رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي حڪم تي 1286 ھ مطابق 1869ء ۾ فتوائون لکڻ شروع ڪيون ۽ والد صاحب رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه کان پنهنجي فتوائن جي تصديق ڪرائيندا هئا، ستن سالن کان پوءِ انهن اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه کي اجازت ڏئي ڇڏي ته هاڻي مون کي فتوائون ڏيکارڻ بنا سوال ڪندڙن کي روانيون ڪندو ڪر، پر پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه سندن جي دنيا مان تشريف کڻي وڃڻ تائين پنهنجون فتوائون چيڪ ڪرائيندا رهيا، جيئن اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه پاڻ لکن ٿا: ’ستن سالن کان پوءِ مون کي فتويٰ جي اجازت عطا فرمايائون ته هاڻي فتوائون لکان ۽  حضور(يعني پنهنجي والدِ ماجِد رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه) کي ٻڌائڻ کان بنا سوال ڪرڻ وارن کي موڪلي ڏيان، پر مون ان تي جرئت نه ڪئي ايستائين جو ربِّ ڪريم  سندن رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه کي ذي القَعدَه ۱۲۹۷ ھ ۾ پاڻ وٽ گھرائي ورتو (يعني سندن وِصال ٿي ويو)۔      (فتاويٰ رضويه ،۱ / ۹۴)