Book Name:Aala Hazrat Ka Ilm-o-Amal

                                                                                (وسائلِ بخشش مرمم،ص۵۲۵)

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                   صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد

دِين جي خِدمَت جو نرالو جَذبو

    پياريون پياريون اسلامي ڀينرون! صدرُالشّريعه مولانا محمدامجدعلي اعظميرَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه قرآنِ ڪريم جي صحيح ۽ سولي ترجمي جي ضرورت بيان ڪندي اعليٰ حضرت امام احمد رضا خان رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه کي ترجمو ڪرڻ جي گُذارش ڪئي ۽ پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه واعدو به ڪري ورتو هو، پر دِيني مَسئلن ۾ تمام گھڻو مشغول هئڻ ڪري ترجمو ڪرائڻ ۾ دير ٿيندي رهي، آخرڪار پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه فرمايائون: ترجمي جي لاءِ مون وٽ الڳ سان ڪو وقت ناهي، ان ڪري اوهان رات جو سمهڻ وقت يا ڏينهن ۾ قَيلُولَه (يعني منجهند جو ٿورو آرام ڪرڻ) جي وقت ايندا ڪريو۔ پوءِ صدرُالشّريعه مُفتي امجد علي اعظمي رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي خدمت ۾ حاضر ٿيندا هئا ۽ پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه زباني قرآني آيتن جو ترجمو ڪرائيندا هئا ۽ صدرُالشّريعه رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه ان کي لکندا ويندا هئا، پوءِ جڏهن حضرت صدرُ الشّريعه رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه ۽ ٻيا عالم سڳورا اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جي ترجمي جو تفسير جي ڪتابن سان ڀيٽ ڪندا هئا ته اهو ڏسي حيران ٿي ويندا هئا ته پاڻ رَحْمَةُ اللّٰهِ عَلَيۡه جو اهڙي نموني بر وقت ترجمو ڪرائڻ تفسير جي معتبر ڪتابن جي بالڪل مُطابق هوندو هو۔   (فيضانِ اعليٰ حضرت،ص ۴۷۵)

احمد رضا کا تازہ گُلستاں ہے آج بھی                                       خورشیدِ علم ان کا درخشاں ہے آج بھی

کس طرح اتنے عِلْم کے دریا بہا دئیے                                     عُلَمائے حق کی عقْل تو حیراں ہے آج بھی

                                                                                (مناقبِ رضا،ص۶۶)