Book Name:Aala Hazrat Ka Ilm-o-Amal

فقيه هوندو ۽ مان قِيامت جي ڏينهن ان جي شفاعت ڪندس ۽ ان جي لاءِ شاهدي ڏيندس۔        )  مشڪاۃ المصابيح، ڪتاب العلم، الفصل الثالث،۱/۶۸،حديث:۲۵۸ (

(2)فرمايا: الله پاڪ ان کي تَروتازه (بارونق) رکي جيڪو منهنجي حديث کي ٻڌي، ياد رکي ۽ ٻين تائين پهچائي۔  (تِرمِذي، ۴/۲۹۸،حديث:۲۶۶۵) ٭اسلام ۾ ڪلامُ الله (يعني قرآن) کان پوءِ ڪلامِ رسولِ الله (يعني حديثِ رسول) جو درجو آهي۔ (مرآۃ المناجيح،۱/۲) ٭ هر انسان تي حُضور عَلَيه السَّلَام جي اِطاعت فَرض آهي ۽ اها اِطاعت حديث ۽ سُنّت ڄاڻڻ  بغير ناممڪن آهي۔(مرآۃ المناجيح ، ۱/۹) ٭ حديثن جي اِنڪار کان بعد قرآن تي اِيمان جي دعويٰ سراسر باطِل آهي۔(نزهۃ القاري ،۱/ ۳ ۶)٭ جيستائين اهو معلوم نه ٿي وڃي ته اها واقعي حديث مبارَڪه آهي، ان وَقت تائين بَيان نه ڪريو۔(فيضان فاروق اعظم ، ۲/ ۴۵۱)٭پياري آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو فرمان آهي: جيستائين توهان کي يقيني عِلم نه هجي منهنجي طرفان حديث بيان ڪرڻ کان بچو، جنهن ڄاڻي واڻي مون ڏانهن ڪوڙ منسوب ڪيو ان کي گھرجي ته هو پنهنجو ٺڪاڻو جهنم ۾ بڻائي وٺي۔ (ترمذي، ڪتاب تفسير القرآن عن رسول الله،باب ماجاء في الذي۔۔۔الخ،۴/۴۳۹،حديث

طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل ڪتاب 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت“ حصو 16 ۽ 120 صفحن جو ڪتاب“سنتیں۽آداب” هديو ڏئي حاصل ڪيو ۽ پڙهوـ  

صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيب!                                                                    صَلَّي اللّٰه عَلٰي مُحَمَّد